آسٽريا
وچ يورپ جو ھڪ ملڪ / From Wikipedia, the free encyclopedia
آسٽريا (انگريزي: Austria ) جنھن جو سرڪاري نالو جمھوريه آسٽريا(انگريزي: Republic of Austria ) آھي ھڪ جرمن ٻولي وارن جو ملڪ آھي جيڪو وچ يورپ جي ڏاکڻي حصي ۾ واقع چوڌاري زمين سان گھيريل ملڪ آهي جيڪو ھڪ وفاقي جمھوريه آھي. ان جي گادي جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر ويانا آھي. آسٽريا جرمن زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ”فرانڪن جي اوڀر واري بادشاهت“. ان جي اتر اولھ ۾ جرمني، اتر ۾ چيڪ ريپبلڪ، اتر اوڀر ۾ سلوواڪيا، اوڀر ۾ ھنگري، ڏکڻ ۾ سلووينیا ۽ اٽلي، اولھ ۾ سوئٽزرلينڊ ۽ لڪٽنسٽائين واقع آهن. ھن ملڪ جي پکيڙ 83٬879 km2 (32٬386 sq mi) ۽ آبادي لڳ ڀڳ 90 لک آھي جيڪي آسٽريائي ماڻھو آھن. ملڪ جي سرڪاري ٻولي جرمن آھي.[4] آسٽريائي ماڻھن جي جرمن ٻولي جو غيررسمي لھجو بويريائي لھجن وارو آھي[5] ھي ملڪ پنهنجين سھڻن جبلن جي دل لڀائيندڙ منظرن سبب سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. ملڪ جو سڀ کان مٿانهون هنڌ گداس گلوڪنز (بلندي: 3797 ميٽر) آهي. جرمني کان علاوه ھتي سربوڪروٽ ۽ ٽرڪش پڻ ڳالهائجن ٿيون. موسم نهايت خوشگوار ۽ وڻندڙ آهي، سردين ۾ سخت سردي پوندي آهي، جڏهن ته گرمين ۾ موسم وچٿري هوندي آهي. آسٽريا جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 26 آڪٽوبر 1955ع آهي. هي ملڪ 14 ڊسمبر 1955ع کان گڏيل قومن جي اداري (U.N.O) جو ميمبر آهي [6].
ريپبلڪ آف آسٽريا () | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو:
| |||||
مڪانيت آسٽريا (تيز سائو) – يورپ ۾ (سائو & تيز خاڪي) | |||||
گادي جو هنڌ | ويانا 49°12′N 16°21′E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | ويانا | ||||
دفتري ٻوليون | جرمن[a][b] | ||||
نسلي گروھ (2012) |
| ||||
مقامي آبادي | آسٽرين آسٽريائي | ||||
حڪومت | وفاقي پارلياماني ريپبلڪ | ||||
• صدر |
اليگزينڊر فان دير بيلين | ||||
• چانسلر |
سيباسٽيان ڪرز | ||||
مقننه | پارليامينٽ | ||||
وفاقي ڪائونسل | |||||
قومي ڪائونسل | |||||
رياستي خودمختياري | |||||
• مارگريويئيٽ واري مارچ |
976ع | ||||
• ڊچي آف آسٽريا |
1156ع | ||||
• آرڪ ڊچي آف آسٽريا |
1453ع | ||||
1804ع | |||||
• آسٽرو ھنگري ايمپائر |
1867ع | ||||
• پھرين ريپبلڪ |
1918ع | ||||
• وفاقي رياست جو قيام |
1934ع | ||||
• انشلوس |
1938ع | ||||
• ٻين آسٽريائي ريپبلڪ |
1945ع کانوٺي | ||||
• آسٽريا جي رياست جو معاھدو |
27 جولاء 1955 | ||||
• يورپين يونين ۾ شموليت |
1 جنوري 1995 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
83٬879 km2 (32٬386 sq mi) (113th) | ||||
• پاڻي (%) |
1.7 | ||||
آبادي | |||||
• جنوري 2020 اندازو |
8,902,600[2] (96th) | ||||
• گھاٽائي |
106 /km2 (274.5 /sq mi) (106th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$434.097 ارب ڊالر [3] | ||||
• في سيڪڙو |
$49,247[3] (17th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$409.316 ارب ڊالر [3] (29th) |