انسائيڪلوپيڊيا
علم جو خزانو / From Wikipedia, the free encyclopedia
انسائيڪلوپيڊيا ___(Encyclopedia): اصل يوناني لفظ اينسائيڪلوپيڊيا encyklopaedia مان ورتل آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ encyclopaedia پڻ لکيو ۽ چيو وڃي ٿو. انسائيڪلوپيڊيا جو لغوي مطلب آهي گھيرو (گول، دائرو) يا علم (ڄاڻ، سکيا) جو مڪمل سرشتو يعني سڀ طرفي ڄاڻ. علم جي سڀني شعبن يا ڪنهن هڪ شعبي تي حاوي تاليف، جيڪا لغت کان مختلف ۽ جامع هجي، جنهن ۾ عنوان جي مفهوم کانسواءِ، تاريخ به بيان ٿيل هجي. سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد باقاعدي سرڪاري سطح تي مختلف جلدن ۾ سنڌيءَ ۾ پهرين تاريخي ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ شايع ڪئي آهي. [1] انسائيڪلوپيڊيا، علم جي سڀني شعبن يا ڪنهن هڪ شعبي تي حاوي تاليف، جيڪا لغت کان مختلف ۽ جامع هوندي آهي. هن ۾ عنوان جي مفهوم کان سواءِ، ان جي تاريخ به بيان ٿيل هوندي آهي ۽ ان تي مختصر ۽ عام بحث به ڪيل هوندو آهي.