بوڊاپيسٽ
From Wikipedia, the free encyclopedia
بوڊاپيسٽ (Budapest) هنگري جي راڄڌاني آهي. اهو ڊينيوب نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي پکڙيل آهي ۽ بنيادي طور تي ٻن شهرن جو ميلاپ آهي. نديءَ جي هڪ ڪناري تي "بوڊا" ۽ "قدیم بوڊا" آهي ۽ ٻئي ڪناري تي "پيسٽ" آهي. اڄ، "بوڊا" ۽ "پيسٽ" هڪ شهر بڻجي ويا آهن.
Budapest | |||
---|---|---|---|
Capital city | |||
Capital City of Hungary Magyarország fővárosa | |||
| |||
Location within Hungary##Location within Europe | |||
جاگرافي بيهڪ: 47°29′33″N 19°03′05″E | |||
Country | ھنگري | ||
Region | Central Hungary | ||
Unification of Buda, Pest and Óbuda | 17 November 1873 | ||
بورو (انتظامیا) | 23 Districts
| ||
حڪومت [1] | |||
• قسم | Mayor – Council | ||
• مجلس | General Assembly of Budapest | ||
• Mayor | Gergely Karácsony (Dialogue) | ||
پکيڙ[2] | |||
• Capital city | 525.2 ڪ.م2 (202.8 ميل2) | ||
• شھري | 2,538 ڪ.م2 (980 ميل2) | ||
• ميٽرو | 6,917 ڪ.م2 (2,671 ميل2) | ||
بلندي[3] | Lowest (Danube) 96 m Highest (János Hill) 527 ميل (315 to 1,729 ft) | ||
آبادي (2022 census)[4] | |||
• Capital city | 1,685,342 | ||
• ڪاٿو
January 2023 [5] |
1,671,004 |
بوڊاپيسٽ (Budapest) هنگري جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر آهي. اهو شهر جي حدن اندر آبادي جي لحاظ کان يورپي يونين جو نائين نمبر وڏو شهر آهي ۽ اهو ڊينيوب نديءَ تي سڀ کان وڏو شهر ھو؛ اڄ اهو ٻيو نمبر وڏو آهي. هن شهر جي آبادي اندازاً 17,52,286 آهي جيڪا 525 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. بوڊاپيسٽ، جيڪو هڪ شهر ۽ ڪائونٽي ٻئي آهي، بوڊاپيسٽ ميٽروپوليٽن علائقي جو مرڪز آهي، جنهن جي ايراضي 7,626 چورس ڪلوميٽر ۽ آبادي 33,03,786 آهي. هي هڪ پرائيميٽ شهر آهي، جيڪو هنگري جي آبادي جو 33 سيڪڙو آهي.
بوڊاپيسٽ جي تاريخ تڏهن شروع ٿي جڏهن هڪ ابتدائي سيلٽڪ آبادي، لوئر پينونيا جي گاديءَ واري هنڌ، اڪونڪم (Aquiincum) جي رومن شهر ۾ تبديل ٿي. ھنگرين يا ھنن (Huns) ھن علائقي ۾ 9ھین صدي جي آخر ۾ آيا، پر سال 1242-1241ع ۾ منگولن پاران ھن علائقي کي لٽيو ويو. 15ھین صدي عيسويء تائين ٻيهر قائم ڪيل بوڊا ريناسنس انساني ثقافت جي مرڪزن مان هڪ بڻجي ويو. سال 1526ع ۾ موھاڪس جي جنگ لڳي، جنهن کانپوءِ 150 سالن جي عثماني حڪومت رهي. سال 1686ع ۾ بوڊين (Budain) جي ٻيهر فتح کان پوءِ هي علائقو خوشحاليءَ جي نئين دور ۾ داخل ٿيو، 17 نومبر، 1873ع تي بوڊا، پراڻي بوڊا ۽ پيسٽ جي هڪ ٿيڻ کان پوءِ هڪ عالمي شهر بڻجي ويو، جنهن جو نالو ”بوڊاپيسٽ" رکيو ويو. بوڊاپيسٽ آسٽرو-هنگري سلطنت، هڪ عظيم طاقت جيڪا، پهرين عالمي جنگ کانپوءِ، سال 1918ع ۾ ختم ٿي وئي، جو پڻ گڏيل راڄڌاني بڻجي ويو. هي شهر سال 1848ع جي هنگري انقلاب ۽ سال 1945ع ۾ بڊاپسٽ جي جنگ، سال 1956ع جي هنگري انقلاب جي طور تي، جو مرڪزي نقطو هو.