جهارکنڊ
اوڀارين ڀارت ۾ رياست / From Wikipedia, the free encyclopedia
جھرکنڊ(انگريزي: Jharkhand) (جھر جي معني : جھنگ يا ٻيلو ۽ کنڊ جي معني: سرزمين) اھا انڊيا جي اوڀر واري خطي جي ھڪ رياست آھي جيڪا 15 نومبر 2000 ۾ بھار جي ڏاکڻي حصي کي ڌار ڪري ٺاھي وئي .[3] ھن رياست جون حدون اتر ۾ بھار , اتر اولھ ۾ اتر پرديش، اولھ ۾ ڇتيس ڳڙھ، ڏکڻ ۾ اوڙيسہ ۽ اوڀر ۾ اولھ بنگال سان ملن ٿيون. ھن رياست جي پکيڙ 79٬710 km2 (30٬778 sq mi) آهي.پکيڙ ۾ انڊيا جي سورھين ۽ آبادي ۾ چوڏھين وڏي رياست آھي. سرڪاري ٻولي ھندي اٿس .[4] رياستجہ گادي جو هنڌ رانچي آھي ۽ ڊمڪا پڻ ان جو ذيلي گادي جو هنڌ آهي. ھي رياست آبشارن، پھاڙن ۽ مقدس جاين جي ڪري مشھور آھي.[5] مشھور مقدس ماڳن م بائيدياناٿ ڌام مندر، پارس ناٿ مندر ۽ راجراپا مندر شامل آهن.
ترت ڄاڻ جھرکنڊ, ملڪ ...
جھرکنڊ | ||
---|---|---|
رياست | ||
پارسناٿ وارين ٽڪرين تي شکارجي جا جين مندر | ||
| ||
جھرکنڊ جو مقام | ||
جھرکنڊ جو نقشو | ||
جاگرافي بيهڪ (رانچي): 23.35°N 85.33°E / 23.35; 85.33 | ||
ملڪ | ڀارت | |
خطو | اوڀر انڊيا | |
بنياد | 15 نومبر 2000 | |
گادي جو هنڌ | رانچي | |
وڏو شھر | جمشيدپور | |
ضلعا | ٽوٽل 24 ضلعا | |
حڪومت | ||
• مجلس | جھرکنڊ جي حڪومت | |
• گورنر | دروپدي مرومو | |
• وزيراعلي | رگھوبار داس (بي جي پي) | |
• قانون ساز اسيمبلي | ھڪ ايواني (81 سيٽون) | |
• پارليامينٽ ۾ نمائندگي | راجيا سڀا ۾ 6 لوڪ سڀا ۾ 14 | |
• ھاء ڪورٽ | جھرکنڊ ھاء ڪورٽ | |
پکيڙ | ||
• ڪل | 79,714 ڪ.م2 (30,778 ميل2) | |
پکيڙ ۾ درجو | پکيڙ ۾ انڊيا جي سورھين وڏي رياست | |
آبادي (2011)[1] | ||
• ڪل | 32,988,134 | |
†Formed by the Bihar Reorganisation Act, 2000 | ||
Symbols of جھرکنڊ | ||
جانور | انڊين ھاٿي [2] | |
پکي | ڪوئل | |
گل | پالاش (گل) [2] | |
وڻ | (Shorea robusta)سال (وڻ) [2] |
بند ڪريو