جي ايم سيد
جديد سنڌي قومپرستي جو باني / From Wikipedia, the free encyclopedia
غلام مرتضي سيد (انگريزي ٻولي: Ghulam Murtaza Sayed، پيدائش: 17 جنوري 1904ع – وفات: 25 اپريل 1995ع)،[4] جيڪو جي ايم سيد يا سائين جي ايم سيد جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، سنڌ جي چوٽي جو سياستدان ۽ عالم هو.[5] 1943ع ۾ هي پاڪستان جي حق ۾ برطانوي سنڌ اسيمبلي (هاڻي پاڪستان جو حصو) مان پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو.[6] سنڌين لاءِ الڳ وطن، سنڌوديش جي آزادي جا بنياد رکيا،[7] جنهن لاءِ هن کي جديد سنڌي قومپرستي جو باني ڪوٺيو وڃي ٿو.[8]
ترت ڄاڻ غلام مرتضي سيد Ghulam Murtaza Syed, سنڌ جي تعليم جو وزير ...
غلام مرتضي سيد Ghulam Murtaza Syed | |
---|---|
سنڌي قومپرستي جو باني | |
سنڌ جي تعليم جو وزير | |
عهدو سنڀاليو 18 مارچ 1940 – 7 مارچ 1941[1][2] | |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش | 17 جنوري 1904(1904-01-17) سن، سنڌ، برطانوي هندستان (هاڻ پاڪستان جو حصو) |
وفات | 25 اپريل 1995(1995-04-25) (عمر 91 سال) ڪراچي |
آخري آرامگاهه | سن |
ٻار ٻچا | سيد امير حيدر شاهه، سيد امداد شاه، زرين تاج، شماع ايمن ۽ درشهوار سيد |
ماءُپيءُ | سيد محمد شاهه ڪاظمي |
سڃاڻپ | سنڌي قوم پرستي، صوفي ازم، تاريخ، ۽ اسلامي فلسفو |
اعزاز | آزادي جي جنگ جا دوست (بنگلاديش حڪومت)[3] |
بند ڪريو