مانسروور ڍنڍ
From Wikipedia, the free encyclopedia
مانسروور يا ماناسرور ڍنڍ (انگريزي: Manasarovar Lake) تبت جي ھڪ مشھور ڍنڍ جيڪا لهاسا شھر کان اٽڪل 2,000 ڪلوميٽر (1242.7 ميل) پري واقع آھي. ڪيلاش جبل ھن جي اتر۔اولھ ۾ 20 ڪلوميٽر جي پنڌ تي موجود آھي، جڏھن تہ راڪشستال ڍنڍ ھن جي اولھ ۾ موجود آھي. ھيءَ ڍنڍ ننڍي کنڊ جي معيشيت ۽ خوشحاليءَ جو ھڪ انمول قدرتي ذريعو آھي ڇاڪاڻ جو ننڍي کنڊ جون چار وڏيون نديون سنڌو ندي، برھمپترا، ستلج ۽ گهاگهرا (ڪرنالي) ندي ھن ئي ڍنڍ مان ڦٽي نڪرن ٿيون ۽ سنڌ سميت ننڍي کنڊ جي ميداني علائقن کي سيراب ڪن ٿيون. ڪيلاش جبل جي گليشئرن مان ھن ڍنڍ ۾ پاڻي اچي ٿو.[1] سنسڪرت ۾ ھن ڍنڍ کي "اناواتاپتا" ۽ پالي ٻوليءَ ۾ "انوتاتا" ڪوٺيو وڃي ٿو. مقامي تبت جا ماڻھو ھن کي ماڦم يمسو (Mapham Yumtso) سڏين ٿا.[2]
مانسروور ڍنڍ
Mapham Yumco | |
ملڪ
|
چین
|
اوچائي | 4583 ميٽر |
ڪوآرڊينيٽس= 30°40′00″N 81°30′00″E | |
علائقو | تبت |
پکيڙ | 410 چورس ڪلوميٽر |