پاڃاري
جانور جوٽڻ جو اوزار / From Wikipedia, the free encyclopedia
پاڃارِي (انگريزي: Yoke) هڪ قسم جو زرعي اوزار آهي جيڪو ڪاٺ مان ٺھيل هوندو آهي. سنڌ توڙي دنيا ۾ استعمال ٿئي ٿو. پاڃاري نار، ڍڳي گاڏي، ڇَڪڙي ۾ جانور جوٽڻ ۾ پڻ ڪم ايندي آهي. پاڃاري جا ٻہ خانا يا حصا ٿين ٿا جن ۾ هر ۾ جوٽيل جانورن جون ڳچيون ڦاسايون وينديون آھن. پاڃاري ۾ جانورن جي ڳچين سوگهو ڪرڻ لاءِ ڏورڻا هوندا آهن. پاڃاري جي ڇيڙن ۾ سوراخ هوندا آهن جن ۾ ڏورڻا پوندا آهن. پاڃارين جا مختلف نمونا ۽ بناوتون ٿيندين آهن. ڪي سڌيون ٿين ڪي خوبصورتي لاءِ وڪڙن واريون ٿين ٿيون.[1][2]