پنجابي ٻولي
انڊيا ۽ پاڪستان ۾ ڳالھائي ويندڙ ھڪ ٻولي / From Wikipedia, the free encyclopedia
پنجابي (Punjabi language، شاھ مکي، گرمکي ਪੰਜਾਬੀ) ھڪ ھند يورپي ٻولي آھي، جيڪا پنجاب ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. پنجابي باشندگانِ پنجاب ۾ مروّج آھي. پنجابي ڳالھائڻ وارن ۾ ھندو مت، سک مت، اسلام ۽ مسيحيت جا پيروڪار شامل آھن. اول الذڪر مذھب کانسواءِ باقي ٽنھي مذھبن ۾ ھن زبان کي خاص حيثيت حاصل رھي آھي. پاڪستان ۽ ھندستان ۾ ڪيل ڳڻپ جي مطابق دنيا ۾ پنجابي ڳالھائڻ وارن جو انگ(تعداد) 14 کان 15 ڪروڙ کان وڌيڪ آھي. ھن ٻوليء جا تمام گھڻا لھجا آھن، جن مان ماجھي لھجي کي ٽڪسالي مڃيو وڃي ٿو. ھي لھجو پاڪستان ۾ لاهور، شيخوپورا، گوجرانوالہ جي طرفن ۾ جڏھن تہ ھندستان ۾ امرتسر ۽ گورداسپور جي ضلعن ۾ مشتعمل آھي جتي اھو واپرائجي اھو. ايس.آءِ.ايل نزاديہ جي 1999ع جي ڳڻپ جي مطابق پنجابي ۽ ھندي دُنيا ۾ يارھين سڀ کان وڌيڪ ڳالھائي ويندڙ ٻولي آھي۔