ڊارون (شھر)
From Wikipedia, the free encyclopedia
ڊارون (شھر)(انگريزي: Darwin)[7]. آسٽريليا جي نادرن ٽيريٽري جو گاديءَ جو هنڌ آهي جيڪو تيمور سمنڊ جي ڪناري تي واقع آهي. 2018ع ۾ ان جي آبادي جو تخمينو 148,564 ھيو[1] آسٽريليا جي رياستن ۽ خطن جي گادي جي ھنڌن ۾ڻھي سڀ کان ننڍڙو شھر آھي جيڪو آسٽريليا جي آخري اتر ۾ واقع آهي. گريٽر ڊارون واري علائقي ۾ لاراڪيا ماڻھو رھندڙ آھن. آڪٽوبر 1936 م ۾ ارتقا جي نظريي جو حامي سائنسدان چارلس ڊارون بيگل واري بحري سفر دوران ھن شھر واري مقام تي آيو ھو. 9 سيپٽمبر 1839ع ۾ سندس سفر جي ھڪ ساٿي جان ڪليمنٽس وهم ان علائقي جو نالو ان سائنسدان جي نالي سان منصوب ڪندي پورٽ ڊارون رکي ڇڏيو. 1869 ۾ اتي وسندڙ آبادي جو نالو پامرسٽن رکيو ويو پر 1911ع ۾ ان جو نالو بدلائي پورٽ ڊارون رکيو ويو[8] ھي شھر چار دفعا تباھ ٿيڻ بعد ٻيھر تعمير ڪيو ويو. پھريون ڀيرو 1897ع جي سائڪلون نالي سامونڊي طوفان ۾ ، ٻيون دفعو 1937ع واري سائڪلون ۾ ، ٽيون دفعو ٻين جنگ عظيم دوران شھر تي ٿيل بمباري ۾ ۽ چوٿون ڀيرو 1974ع ۾ ٽريسي نالي سائڪلون ۾[9][10]
ڊارون شمالي علائقو (آسٽريليا) | |||||||
ڊارون شھر جو افقي منظر | |||||||
آبادي: | 148,564[1] (15th) | ||||||
قيام: | 1869 | ||||||
متناسقات: | 12°26′17″S 130°50′28″E | ||||||
رقبو: | 3163.8 km² (1,221.6 sq mi)[2] (2011 urban) | ||||||
منطقہ وقت: | ACST (UTC+9:30) | ||||||
ميئر: | ڪترينا فونگ لم | ||||||
مقام: | |||||||
آسٽريلوي مقامي حڪومت: | ڊارون شھر پامرسٽن ۽ لچفيلڊ | ||||||
ڪاؤنٽي: | پامرسٽن ڪائونٽي | ||||||
رياست / علائقو انتخاب: | پورٽ ڊارون جا چونڊ تڪ :14 | ||||||
وفاقي ڊويزن: | سولومن | ||||||
|