پاڪستان جا انتظامي ايڪا
From Wikipedia, the free encyclopedia
پاڪستان کي وفاقي گاديءَ جو ھنڌ، چار صوبن، قبائلي علائقا، آزاد ڪشمير اور گلگت ۽ بلتستان ۾ تقسيم ڪري سگھجي ٿو جيڪي ان جا وڏا وڏا علائقا آھن. سرڪاري طور تي پاڪستان جا چار صوبا ۽ ھڪ وفاقي گاديءَ جو ھنڌ آهي جبھن جي لاءِ توھان ڏسي سگھو ٿا: پاڪستان جون انتظامي ايڪائيون. پر ان کان علاوه ڪجهه علائقا آھن جيڪي اڃان باقاعده پاڪستان ۾ شامل نٿا ڪيا وڃن ۽ انھن جي آزاد حيثيت برقرار آهي جيئن آزاد ڪشمير، قبائلي علائقا ۽ گلگت ۽ بلتستان. پر ان جي باوجود ھي علائقا عملي طور تي پاڪستان جي زيرِ اختيار آهن جيتوڻيڪ انهن کي پاڪستان جو حصو چيو ويندو آھي.
پاڪستان جي صوبون کي ضلعن ۾ ورھايو ويندو آهي. آگسٽ 2000ع تائين صوبن کي ڊويزنن ۽ ڊويزنن کي ضلعن ۾ ورھايو ويندو ھو پر آگسٽ 2000ع ۾ ڊويزنون ختم ڪيون ويون ۽ ھاڻي صوبن کي ضلعن ۾ ورھايو ويندو آھي.[1]
پاڪستان جي وزارتِ اطلاعات ۽ نشريات جي ويب سائٽ[1] جي معلومات (120 مثلاً ضلعا) ۽ پاڪستان جي وفاقي ادارو براءِ شماريات جي ويب سائٽ[2] تي 14 نومبر 2009ع تي ملندڙ معلومات (مثلاً ضلعن جي تعداد 113) ۾ فرق ھو ۽ ٻئي ۾ ضلعن جي تعداد اصل کان گھٽ ٻڌايل ھئي ڇو تہ نون ضلعن جي تشڪيل ٿي ھئي. اھڙي طرح وزارتِ اطلاعات جي ويب سائٽ تي گلگت ۽ بلتستان جو ذڪر نه ھيو جڏھن تہ گلگت ۽ بلتستان ۾ چونڊون بہ ٿي چڪيون آھن ۽ ان جي آرڊيننس جاري ٿي ھاڻي ڪيترائي مھينا ٿي چڪا آھن.
اھو ئي سبب آھي تہ ھيٺ ڏنل معلومات انھن ٻنھي ويب سائٽس جي مدد کان علاوه ٻين ذريعن بشمول انگريزي وڪيپيڊيا سان مرتب ڪئي وئي آھي.