آذربائيجان غاليچو ميوزيم
آذربائيجان غاليچو، گلم عجائب خانو| آرٽ ميوزيم (ڪاريگري، هنر، صفت، حرفت) عجائب گهر From Wikipedia, the free encyclopedia
آذربائيجان غاليچو، گلم عجائب خانو| آرٽ ميوزيم (ڪاريگري، هنر، صفت، حرفت) عجائب گهر From Wikipedia, the free encyclopedia
آذربائيجان جو قومي قالين ميوزيم | |
---|---|
قائم ٿيو | 1967 |
لوڪيشن | ميڪائيل هوسينيو گهٽي، 28، باڪو، آذربائيجان |
نوعيت | عجائب گهر ميوزيم |
ڊائريڪٽر | شيرين ملڪوا، يا، شيرين مالڪوفا |
عوامي روانگي لنگهه | M 1 ايڇري شيهر ميٽرو اسٽيشن |
ويب سائٽ | www.azcarpetmuseum.az |
هي وڪيپيڊيا جو روان سڌارو لاءِ مضمون آهي – ۽ توهان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگهو ٿا ان کي سنواريو! توهان ان کي ڪيئن بهترڪري سگهو ٿا، ان بابت انهيءَ جي بحث صفحو تي بحث ڪريو ۽ مدد ڊيسڪ يا چانهہ گهر تي سوال پُڇو. |
آذربائيجان قومي قالين ميوزيم (آذربائيجاني: Azərbaycan Milli Xalça Muzeyi ) (اڳ۾ آذربائيجان قالين ميوزيم سڏيو ويندو هيو) (آذربائيجاني: Azərbaycan Xalça Muzeyi )) آذربائيجان جي گلم ۽ اُڻڻ ڪاريگري جي مختلف کَٿو (ڪمبل، لوئي) شين ۽ مختلف زمانن کان سامان جي شين جو ڏيکاءُ ڏئي ٿو.[1] اهو دنيا ۾ آذربائيجان جي قالينن جو سڀ کان وڏو ذخيرو آهي.[2] اهو پنهنجي اڳوڻي هنڌ نيفچلر ايونيو کان باڪو سي فرنٽ پارڪ تي نئين عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو.[3]
آذربائيجان نيشنل ڪارپيٽ ميوزيم 13 مارچ، 1967 ع ۾ آذربائيجان ايس ايس آر وزيرن جي ڪائونسل جو فرمان نمبر 130 جي مطابق قائم ڪيو ويو. 1967 کان 1993 تائين، هن ميوزيم کي آذربائيجان اسٽيٽ ميوزيم آف ڪارپيٽ ۽ فوڪ ايپلائيڊ آرٽس، نالي سان سڏيو ويندو هيو، 1993 کان 2014 تائين اسٽيٽ ميوزيم آف ڪارپيٽ ۽ ايپلائيڊ آرٽس، کي لطيف ڪريموف جي نالي پٺيان منسوب ڪيو ويو، 2014 کان 2019 تائين آذربائيجان ڪارپيٽ ميوزيم ۽ 2019 کان موجوده وقت تائين - آذربائيجان نيشنل ڪارپيٽ ميوزيم آرڪائيو ڪيا ويا 2019-07-17 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. نالي سان سڏجي ٿو.
هي ميوزيم 1967 ۾ قائم ڪيو ويو هيو ۽ شروعاتي طور جمعو مسجد اڇيري شيهر ۾ واقع هيو.15هين صدي عيسوي ۾ ان مسجد جي اڏاوت ڪئي وئي ۽ 19هين صدي عيسوي ۾ ان ۾ سڌارو آڻيو ويو. ان جي پهرئين نمائش 1972 ۾ ڪئي وئي. 1992 ۾، يو ايس ايس آر جي انت کانپوءِ، ميوزيم کي ٻئي منزل تي منتقل ڪيو ويو هو جيڪو هاڻي باڪو ميوزيم سينٽر آهي،[4] اها هڪ اهڙي عمارت آهي جيڪا اصل ۾ لينن ميوزيم هئي.[5] ان مجموعو جو نالو قالين جي ڊزائنر لطيف ڪيموف جي مانَ ۾ رکيو ويو.
ان مجموعو کي هڪ نئين مقصد سان اڏيل جڳھ ڏانھن منتقل ڪرڻ واري منصوبو 2010 کان شروع ٿيو، جڏهن يونيسڪو وسيلي آذربائيجان جي غاليچن کي "ناقابل يقين ورثو جو هڪ شاهڪار" قرار ڏنو ويو هيو.[6] اها نئين عمارت 2012 جي آخر ۾ کُلڻي هئي [6] ۽ سيپٽمبر 2013 ۾ صدر الهام عليوف ان جو دورو ڪيو هيو.[7] عجائب گھر (ميوزيم) 26 آگسٽ 2014 تي کوليو ويو. اپريل 2014 ۾ ان ميوزيم جو نالو مٽائي آذربائيجان قالين ميوزيم نالو رکيو ويو، جيڪو گهڻو عرصو سرڪاري رسمي عنوان ڇڏيو هو. [8]
عمارت جي جوڙجڪ جو مقصد ويڙهيل گلم (غاليچو) وانگر ڏيک ۾ اچي ٿو.آسٽريا جي آرڪٽيڪٽ فرانز جنز طرفان ٺاهيل ان عمارت جي اڏاوت ۾ ڇھ سال لڳا. اڳوڻي گهڙت، جيڪا تاريخي اهميت واري هڪ عمارت آهي، تنهن کي نئين عمارت ٺاهڻ جي لاءِ ڊانهيو ويو.[9]
ميوزيم جي ذخيري ۾ 10،000 کان وڌيڪ ٺڪر ۽ چينيءَ جا ٿانو (سيرامڪس) جون شيون، چوڏهين صدي جي ڌاتو جو ڪم، ڪنجھي وارو زمانو (Bronze Age) جا زيور، 17 هين کان 20 هين صدي جا قالين ۽ قالين جو سامان، قومي لباس ۽ ڀرت (زريءَ جو ڪم)، ۽ جديد دور جو آرٽ ورڪس شامل آهن.[10] ميوزيم غاليچن ۽ اپلائيڊ آرٽس جي باري ۾ عوامي ليڪچرز ۽ اڀياس ڪورسز جو بندوبست ڪندو آهي. ان ۾ آذربائيجاني دستڪاري ۽ غاليچي جو ڪم تي ڪتاب وڪرو ڪرڻ وارو هڪ دڪان (اسٽور) آهي.[2] ميوزيم ۾ شوشا شهر سان لاڳاپيل شوشا ميوزيم آف هسٽري جو مستقل ذخيرو پڻ موجود آهي، جنهن کي 1992 ۾ آرمينيائي فوج قبضو ڪرڻ کانپوءِ ڦُريو هيو. شوشا ميوزيم جي نمائش ڪيل شين مان ڪجهہ ان وقت بچائيون ويون جڏهن ميوزيم جي ڊائريڪٽر قبضو ٿيڻ کان اڳ 600 غاليچا ٻاهر منتقل ڪيا. هاڻي اهي ميوزيم ۾ "سڙيل ثقافت" جي عنوان سان هڪ نمائش ۾ ڏيکاريل آهن.[5]
عجائب گهر (ميوزيم) تحقيق ۽ عوامي خدمت جو ڪم ڪندو آهي. هر سال، ميوزيم وسيلي رياستي ۽ بين الاقوامي نمائشون منظم ڪيون وينديون آهن ۽ عجائب گھر طرفان قالين تي ڪيٽالاگ ڇاپيا ويندا آهن. ميوزيم فرانس، جرمني، انگلستان، جاپان، هالينڊ، سميت 30 کان وڌيڪ ملڪن ۾ پردشن (نمائشون) منعقد ڪيون آهن. 1998 ۾، ميوزيم پيرس ۾ يونيسڪو جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيل نمائش ۾ حصو ورتو، جيڪا فزیولي ۽ 1999 ۾ ڪتاب ڊيڊ ڪورڪوت (Book of Dede Korkut) جي 1300 هين ورسي جي نالي سان وقف ٿيل هئي، ان موقعي تي شين جو ڏيکاءٌ ڪيو ويو، جن ۾ گلم (گاليچو)، لوڪ لاڳاپيل آرٽ آئٽمز، ٽامو جا جڳ، لوٽا (مگ)، بالٽي ۽ پاکڙو-ٿيلها شامل هيا.
هفتي جا ڏينهن: اڱارو کان جمعو تائين صبوح 10 بجي کان 6 بجي تائين. هفتو جي پڇاڙي جا ڏينهن: ڇنڇر کان آچر تائين، صبح 10 بجي کان 8 بجي تائين. سومر ڏينهن بند آهي
بالغن لاءِ ٽڪيٽ 7 اي زيڊ اين آهي، شاگردن لاءِ 3 اي زيڊ اين آهي. 6 سال کان گهٽ ڄمار جي ٻارن لاءِ ٽڪيٽ مفت آهي
باڪو، ميڪائيل هوسينيو ايوينيو، 28 (+994) 12-497-20-57
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.