آرڪڊ
From Wikipedia, the free encyclopedia
آرڪِڊ ، هن انگريزي نالي هيٺ ڪيترائي ٻوٽآ جدا جدا قد، رنگ ۽ شڪل جا اچي وڃن ٿا. هنن جو هڪڙو نه ٻيو قسم دنيا جي سڀ ڪنهن ڀاڱي ۾ ٿئي ٿو. هي سهڻن ۽ خوشبودار گلن هئڻ ڪري پسند ايندا آهن. هنن تي خلاصا ڪتاب لکيل آهن. آرڪڊ اصل گرم آبهوا ۾ ٿيندا آهن. عمدا عمدا قسم نيپال، ڀوٽان، آسام، برما ۽ سيلون مان اچن ٿا. گهڻن هنڌن ۾ جهنگلي ٿين ٿا. ڏکڻ آمريڪا مان به هن جا چڱا قسم ايندا آهن.
آرڪڊ | |
---|---|
آرڪڊ جي رنگن جي پليٽ | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | آرڪڊيسيا |
Type genus | |
آرڪس ٽورن اڳوڻو ايل. | |
ذيلي خاندان | |
| |
آرڪڊ گلن جا علائقا سائي رنگ سان ڏيکاريل |
فرن جي ذات وانگي آرڪڊ به اصل ٽَڪرن جي سوراخن ۾ وِٿين ۾، توڙي وڏن وڻن جي ٿڙن ۽ ٽارين تي ٿيندا آهن. اڪثر جتي ڇانو ۽ پوسل هوندي آهي، اتي ٿيندا آهن. ڪي قسم ته اُس ۾ چڱا ٿيندا آهن. بيٺل يا سينواريل پاڻيءَ مان سو هنن کي نقصان پهچندو آهي. آرڪڊ ٻن وڏن قسمن يا ڀاڱن ۾ وراهيا اٿن. هڪڙي کي زميني ۽ ٻئي کي آسماني چون ٿا. زميني آرڪڊ اهي آهن، جي اڪثر زمين تي ٿين ٿا ۽ انهن جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ گِهڙيل ٿين ٿيون، جتان هنن کي قُوت ۽ ٻي پرورش ملي ٿي. آسماني آرڪڊ اهي آهن، جي وڻن جي ٿڙن ۽ ٽارين تي ٿا ٿين ۽ انهن جون پاڙون هوا ۾ نڪري بيهن ٿيون، جتان هن کي قوت ۽ ٻي پرورش ملي ٿي. تنهنڪري ضروري آهي ته آرڪڊ جي ذات سڃاڻي پوءِ ان موجب ان جي پرداخت ڪجي. اها سڃاڻپ آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿي. زميني قسم جون پاڙون ٿورو گهڻو تندن ۽ تارن واريون ٿيون ٿين ۽ آسماني قسم جون پاڙون ڊگهيون، ٿلهيون ۽ ڳر يا ماس واريون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.[1]