اٿينس
From Wikipedia, the free encyclopedia
اٿينس (انگريزي: Athens، يوناني: Αθήνα (Athina)، ( ٻُڌو)، پراڻي يوناني: Ἀθῆνα) يونان جي گاديءَ جو ھنڌ ۽ وڏي ۾ وڏو شھرآھي. ھي دنيا جي سڀ کان پراڻن شھرن مان ھڪ آھي. تاريخ تي کوجنا ڪندڙن مطابق ھي شھر 11 کان 7 صدي قبل مسيح دوران آباد ٿيو[1]. پراڻو اٿينس فن، فلسفي ۽ علمي سرگرمين جو وڏو مرڪز ھو. ھن ئي شھر ۾ پليٽو ۽ ارسطو جھڙا وڏا مفڪر پنھنجي شاگردن کي منطق ۽ فلسفي جي سکيا ڏيندا ھئا[2]. ھتي ئي عظيم رومي تھذيب پروان چڙھي جنھن سڄي دنيا ۽ خاص طور تي يورپ کنڊ جي سياست ۽ ثقافت تي پنھنجا اڻمٽ نشان ڇڏيا. اھوئي سبب آھي جو ھن شھر کي ” يورپي تھذيب جو ھندورو“ ۽ ”جمھوريت جي جنم ڀومي“ سڏيو وڃي ٿو[3].
اٿينس (Athens) Αθήνα Athína | |||
---|---|---|---|
يونان جي گاديءَ جو ھنڌ | |||
مٿان کان گھڙيال جي ڪانٽن جي رخ ۾: اٿينس جو ايڪروپولس, زپيري ھال, موناستريڪي, ھوائي جھاز مان شھر جو نظارو, اولمپڪ اسپورٽس ڪامپليڪس, ۽ پاريامينٽ جي عمارت | |||
| |||
يونان ۾ بيھڪ##يورپ ۾ بيھڪ | |||
جاگرافي بيهڪ: 37°59′03″N 23°43′41″E | |||
ملڪ | يونان | ||
جاگرافيائي علائقو | مرڪزي يونان | ||
انتظامي علائقو | (Attica) اٽيڪا | ||
مقامي علائقو | مرڪزي اٿينس | ||
ضلعا | 7 | ||
حڪومت | |||
• قسم | ميئر ڪائونسل گورنمينٽ | ||
• ميئر | Kostas Bakoyannis (New Democracy) | ||
پکيڙ | |||
• ميونسپالٽي | 38.964 ڪ.م2 (15.044 ميل2) | ||
• شھري | 412 ڪ.م2 (159 ميل2) | ||
• ميٽرو | 2,928.717 ڪ.م2 (1,130.784 ميل2) | ||
بلند ترین پیمائش | 338 ميل (1,109 ft) | ||
گھٽ ترین پیمائش | 70.1 ميل (230.0 ft) | ||
آبادي (2012) | |||
• ميونسپالٽي | 664,046 |
ھاڻوڪي جديد دور ۾ بہ ھن شھر پنھنجي عروج جو تسلسل برقرار رکيو آھي ۽ اڄ بہ ھي شھر سياست، ثقافت، معاشيات، صنعت ۽ معاشرتي قدرن ۾ مٿاھون مرتبو رکي ٿو. 2021ع ۾ ھن شھر جي رھواسين جو تعداد 35 لکن کان بہ مٿي ھو. يونان جا لڳڀڳ %35 ماڻھو ھن شھر جا رھواسي آھن.
عالمگيريت ۽ دنيا جي شھرن جي کوجنا ڪرڻ واري اداري (Globalization and World Cities Research Network) ھن شھر کي بيٽا عالمي شھر (Beta Global City) قرار ڏنو آھي[4]. ھي شھر ڏکڻ اوڀر يورپ جي وڏن معاشي مرڪزن مان ھڪ آھي. ھن جو پاريئس (Piraeus) بندرگاھ يورپ جو وڏي ۾ وڏو ۽ دنيا جو ٽيون وڏو بندرگاھ آھي[5].
ھي شھر پنھنجي تاريخي يادگارن ۽ عمارتن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. انھن يادگارن ۾ اٿينا ديويءَ جو مندر ھميشہ سياحن جي ڌيان جو مرڪز رھيو آھي. ھي مندر، جنھن کي پارٿينن (Parthenon) ڪوٺيو وڃي ٿو، اوائلي يورپي تھذيب جو ھڪ عظيم شاھڪار آھي. ھتي رومي، بازنطيني ۽ عثماني دور جا تاريخي يادگار بہ موجود آھن. ھن شھر جي ويجھو موجود ايڪروپولس (Acropolis) جي قلعي ۽ ڊيفني خانقاھ (Daphni Monastery) کي يونيسڪو جي عالمي ثقافتي ماڳن جي فھرست ۾ شامل ڪيو ويو آھي.
اٿينس 1834ع کان لاڳيتو يونان جي گاديءَ جو ھنڌ رھندو پيو اچي. اٿينس جي قومي يونيورسٽي ۽ اڪيڊمي آف اٿينس جو شمار دنيا جي بھترين تعليمي ادارن ۾ ٿئي ٿو. 1829ع ۾ قائم ٿيل يونان جي قومي لائبرري (National Library of Greece) يونان جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻين علمن بابت ڪتابن جو ھڪ اھم خزانو آھي. اٿينس ۾ ڪيترائي عجائب گھر بہ موجود آھن جن ۾ آثار قديمہ جو قومي عجائب گھر (National Archeological Museum)، ايڪروپولس ميوزيم (Acropolis Museum)، سائيڪليدي آرٽ جو ميوزيم (Museum of Cycladic Art) ، بيناڪي ميوزيم (Benaki Museum) ۽ بازنطيني ۽ عيسائيت جو ميوزيم (Byzantine and Christian Museum) شامل آھن. جديد دور جون پھريون اولپمڪ رانديون ھن ئي شھر ۾ منعقد ٿيون ھيون. 2004ع جي اولمپڪ راندين جي ميزبانيءَ جو اعزاز بہ ھن ئي شھر کي مليو.