اڏيرو لال
From Wikipedia, the free encyclopedia
اڏيري لال جي شخصيت بابت سنڌ ۾ ٻه روايتون هلندڙ آهن. هندو کيس ”اڏيري لال“ جي نالي سان جهولي لال (Jhoolay Laal) جو اوتار سمجهن ٿا. سندن روايت موجب، اڏيرو لال نصرپور جي رتنراءِ لوهاڻي جي گهر ۾، چيٽي چنڊ، 1007 سنبت ۾ ڄائو. ڄمڻ وقت ايستائين ماءُ جو کير نه پيتائين، جيستائين سنڌو درياءُ جو پاڻي سندس منهن ۾ نه پيو. ان روايت مطابق کيس ”درياهه شاهه جي اوتار“ جي نالي سان پڻ ڄاتو ويندو آهي. اڏيري لال جا هزارين مريد اڄ به هندستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهن ٿا، جيڪي هرسال چيٽي چنڊ ملهائيندا آهن. چيٽي چنڊ جي ميلي جي موقعي تي سنڌ ۾ به اچي گڏ ٿيندا آهن، ۽ اڏيري لال جا ”پنجڙا“ ڳائيندا آهن ۽ بهراڻا ڪڍندا آهن. ڀارت ۾ اڏيري لال جو ڏِڻ ”سنڌيت“ جو خاص اهڃاڻ آهي. هن بزرگ کي ”جهولي لال“ ۽ ”پلي وارو پير“ چوندا آهن.