![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/7/72/Barfi-Diwali_sweet.jpg/640px-Barfi-Diwali_sweet.jpg&w=640&q=50)
برفي
From Wikipedia, the free encyclopedia
برفي (انگريزي: Burfi ) يا (انگريزي: Barfi ) يا (انگريزي: Borfi )ڏکڻ ايشيا جي مشھور مٺائي جو نالو آهي جيڪا کير کي ڪاڙھي گھاٽو ڪري ان م کنڊ ملائي ٺاھي ويندي آهي. برفي نالو فارسي جي لفظ برف (snow) مان نڪتل آهي جيڪا آسمان مان زمين تي پوندي آهي . برفي جا ڪيترائي قسم ھوندا آھن جن م بيسڻ جي برفي، زعفراني برفي، ناريل جي برفي ، اکروٽي برفي ، ڪاجو واري برفي،بادام واري برفي، گجرن جي برفي چڻن جي اٽي جي برفي، پيٺل پستن جي برفي، پيٺل مڱيرن جي برفي، چاڪليٽ برفي شامل آهن.[1] سادي برفي کير ۾ کنڊ لائي باھ تي ڪاڙھي ٺاھبي آهي. ان کي ايترو تہ ڪاڙھبو آهي جو کير سسي ٺوس ٿي ويندو آهي ۽ ان کي برفي جي شڪل ڏني ويندي آهي. ان م ذائقو پڻ شامل ڪبو آهي جن م انب، ناريل، گورا جن ۾ ڪاجو يا کاڄا، پستا مڱيرا، ڦوٽا ، گلاب جو پاڻي وغيره ملائي ذائقو وڌو ويندو آهي. ا برفي کي سونھري يا چانديءَ جي ورقن م ويڙھي رکيو ويندو آهي. ان جي شڪل ڪٽي چوڪنڊي، گول يا تاش جي ايٽ وانگر ٺاھبي آهي. اھا مختلف رنگن ۾ ٺاھي ويندي آهي. اڪثر شادي ۽ ٻين خوشي جي موقعن تي کارائي ويندي آهي. سنڌ ۾ برفي ھڪ عام مٺائي آھي.
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/9/9a/Almond_Khoa_based_burfi_Mumbai_India.jpg/640px-Almond_Khoa_based_burfi_Mumbai_India.jpg)
![]() سادي برفي | |
ڪورس | مٺائي جو قسم |
---|---|
ملڪ | ڏکڻ ايشيا جا ملڪ |
علائقو | ڏکڻ ايشيا, ماريشس, فجي, ڏکڻ ۽ اوڀر آفريڪا، ڪيريبئن، ملائي اپٻيٽ |
کائڻ وقت گرمي جو درجو | ٿڌو |
مکيہ شامل جزا | ڪڙھيل کير، کنڊ |
مختلف قسم | ڪيسري پيڍو، ڪاجو ڪٽلي، پستن واري برفي |
![]() ![]() |