برقعو
From Wikipedia, the free encyclopedia
بُرقعو(انگريزي: Burqa ) عربي ٻولي جو لفظ آهي جيڪو ھڪ سبيل ڪپڙي کي چئبو آهي جو خلافت عباسيه (نائين کان ڏھين صدي عيسويءَ) جي دور کان دنيا جي مختلف مسلم مغاشرن ۾ عورتون پنهنجي منھن کي مڪمل يا جزوي طور تي ڍڪڻ لاءِ پائينديون آهن[1]. عام طور تي اھو ڪپڙو منھن جي اکين کان ھيٺ واري حصي کي ڍڪڻ لاءِ پائينديون آهن[1].زالن جي پردي ڪرڻ لاءِ هڪ خاص قسم جو سبيل پوش، جيڪو عام لباس جي مٿان پائجي ٿو، جنهن سان سڄو بدن ڍڪجي ويندو آهي. هونءَ ته سنڌ هڪ زرعي خطو آهي، جتي مرد ۽ عورتون ٻنين ۾ ڪم ڪن ۽ روايتي پردو ڪو نه ڪن، پر ٻاهران آيل حاڪم طبقن ۽ وسيل ماڻهن ۽ قبيلن پاڻ کي انهن محنت ڪش ماڻهن ۽ عام ماڻهن کان جدا ’خاص‘، وڏ گهراڻو ۽ شرفاءَ منجهان ظاهر ڪرڻ لاءِ پنهنجين عورتن کي پردو ڪرايو ۽ ڏسندي ڏسندي اهو رواج سنڌ ۾ پڻ پئجي ويو. ان ۾ هندو مسلمان جي ڪا به تفريق ڪا نه هئي، اڳي جيڪو به ماڻهو پاڻ کي انهن ’خاصن‘ منجهان چوائڻ چاهيندو هو اهو زالن کي پردو ڪرائيندو هو. گهر کان ٻاهر نڪرڻ مهل اهڙيون مڪاني عورتون اکڙي، گهونگهٽ ۽ ٻڪل ڪڍنديون هيون پر پوءِ منجهن برقعي جو رواج پيو. سنڌ ۾ برقعو ٻن قسمن جو ٿئي. هڪڙو پشوري برقعو، جيڪو سنڌ ۾ محمود غزنويءَ واري دور کان رواج ۾ اهو ٽوپيءَ وارو برقعو شرفاءَ ۽ وڏگهراڻيون عورتون، نامحرم مردن کان منهن لڪائڻ لاءِ پائينديون هيون. ويجهڙائي ۾ هي برقعو افغانستان ۽ پاڪستان جي قبائلي علائقن ۽ سرحد صوبي جي عورتن ۾ پردي جي نئين سر پابنديءَ سبب وري رواج ۾ آيو آهي. برقعي جو ٻيو نمونو ”چادريءَ“ وارو آهي، جيڪو ايراني چادر يا فرغل جي نموني تي ٺهيل هوندو آهي. ان ڪاري رنگ جي برقعي جا ٻه حصا ٿين. هڪڙو حصو ڪُلهن کان وٺي پيرن تائين ۽ ٻيو حصو مٿي ۽ منهن ڍڪڻ لاءِ، جنهن کي ”رومالي“ به چوندا آهن. ’روماليءَ‘ وارو برقعو هلڪو ۽ فيشني سڏبو آهي. سنڌ ۾ اهي ٻئي نمونا هلندڙ آهن، پر هاڻي گهڻو تڻو فيشني برقعي جو رواج وڌندو وڃي.[2] قرآن ۽ حديث ۾ برقعي پائڻ جو ڪو به ظاھري حڪم ڪانہ آھي ۽ ان تي عالمن جو بہ اتفاق آهي تہ اھا عورتن لاء لازمي مذھبي پوشاڪ ناھي[1]. موجوده دور ۾ ان مان مراد آھي تہ مسلمان عورتون حياء وارو لباس پائن ۽ ان لاء ترجيحن پوري جسم کي سواءِ ھٿن ۽ منھن جي، ڍڪن. ان ڪري موجودہ دؤر ۾ اڪثريت ۾ مسلمانن عورتون منھن کي نہ پر ھٿن ۽ منھن کي ڇڏي سڄي جسم کي ڍڪيندڙ برقعو پائن ٿيون جيڪو حياء وارو لباس سمجھيو ويندو آھي[1]. عورتن جي برقعي پائڻ لاء کوڙ سبب ھوندا آھن جن ۾ عورت جي تقوی، بطور جنسي حياء جي قدر جي، مغربي جنسي لاڙن جي مزاحمت ۾ ، مرداڻي ماحول ۾ گھمڻ ڦرڻ ۾ آساني ۽ نويڪلائي جي خواھش، ڪنھن مذھبي تنظيم يا تحريڪ جي رڪنيت شامل آهن[1]. ان لفظ کي اڄڪلهه دنيا ۾ مغربي ميڊيا گھڻو مشھور ڪري ڇڏيو آھي ۽ مغرب ۾ گھڻا ماڻھو ان کي طالبان حڪومت جي عورتن مٿان ڪيل ظلم جي ھڪ علامت طور سمجھندا آھن[1]. لفظ برقعي کي نقاب جو ھم معنيَ لفظ سڏيو ويندو آهي. ان جا مختلف نمونا ٿين ٿا . مڪمل منھن ڍڪڻ وارن برقعن ۾ ڄاريدار بہ ھوندا آھن جن جي ڄاريءَ مان ٻاھر نظر پوندي آهي. ڪي وري سنھي ڪپڙي جا ٿين ٿا جن مان نظر ٻاھر پئجي سگھندي آهي ۽ ان مان منھن چٽو نظر نہ ايندو آهي[1].