بروھي ماڻھو
From Wikipedia, the free encyclopedia
سانچو:Dravidian
ڪوئيٽا ۾ 1910 ۾ بروهي نسل جي ماڻهن جو ڦوٽو |
ٻوليون |
---|
مذھبَ |
حنفي ، سني ،اسلام |
لاڳاپيل نسلي گروھ |
بلوچ عوام |
بروهي (Brohi) نالو سنڌ ۾ رائج آهي؛ اصل لفظ ’براهوئي‘ (Brahvi or Brahui) آهي. اُن جي معنيٰ نالي مان ظاهر آهي: ’با‘ ۽ ’روهي‘، يعني جبل جا رهاڪو. جيڪي بروهي هيلمند نديءَ جي ڪپن تي رهن ٿا، سي طبعي لحاظ ڪري پاڻ کي ’ناروهي‘، ميداني سڏائين ٿا، يعني ’ميدان نشين‘ . بروهي سنڌي آهن ان جي معنا ته بروھي قبيلي مان ٻيون جيڪي به ذاتيون نڪتيون آھن اهي سڀ پڻ سنڌي ئي آھن. سنڌي ادب ۽ تاريخ ۾ ’سنڌي‘ ڄاڻايل آهن. اهڙي پڌرائي لاءِ اسان سنڌين وٽ سنڌ جي سدا جيئري شاعر، ڀٽائيءَ جو رسالو سند آهي.[1]. انگريزن ٻروچ ٽالپر حڪمرانن خلاف هيءَ تحريڪ شروع ڪئي ته ٽالپرن جي قوم غير سنڌي ۽ ڌاري قوم آهي، جا سنڌين تي ظلم ڪري رهي آهي، ۽ بروهين خلاف سنڌين کي برغلائڻ لاءِ هُلايائون ته بروهي به غير سنڌي، ’خراساني‘ آهن. اهڙيءَ پروپئگنڊا ذريعي هو قلات ۽سنڌ تي قبضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا - حالانڪه بلوچستان ۽ خراسان ٻيءَ اقليمِ سنڌ جا صوبا آهن. اڄڪلهه ڪي اهڙا ماڻهو به موجود آهن، جيڪي بروهين کي ’خراساني‘ سڏين ٿا، مزو ته اهو آهي ته ڪي بروهي به پنهنجو وطن خراسان ڄاڻائين ٿا. اهڙن ڍنگن سان فرنگي سنڌي ملت کي منتشر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. شاهه سائينءَ بروهين جي مرڪز ۽ تختگاهه شهر ’قلات‘ کي ڏاڍيءَ سڪ ۽ اڪير سان ياد فرمايو آهي. قلات وچ- ايشيا ڏانهن ويندڙ شاهراهن کي ڳنڍيندڙ، ايشيا جو مکيه قافله سراءِ هو. اڄ ريلن جي اچ وڃ ڪري سندس اڳوڻي تجارتي اهميت گهٽجي ويئي آهي. فرمائي ٿو:
- ”پسيو آسمڻ اُن جا، ٻانهن وجهان واتَ،
- هوجي ڪهيا ڏانهن قلاتَ، آءٌ نه جيندي ان ري.“
بيان ڪيل بيت ويدانت مت جي زباني چيل آهي، ڇالاءِ ته قديم سنڌ ۾ هنگلاج کان پوءِ ٻيو وڏو ڪاليءَ جو مندر قلات ۾ اڄ تائين موجود آهي، پورب جا ساڌو جنهن جي ياترا ڪرڻ ويندا هئا.[1][2]