انگريز شاعر From Wikipedia, the free encyclopedia
مشهور انگريز شاعر جان ڪيٽس جو جنم 1795ع ڌاري لنڊن ۾ ٿيو.[24]
جان ڪيٽس | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ڄم | 31 آڪٽوبر 1795 [1][2][3][4][5][6][7][8][9] لنڊن [10] |
موت | 23 فيبروري 1821 (26 سال)[1][2][3][4][5][6][7][8][9] روم [11] |
وجه موت | سلهہ [12][13][14] |
رهائش | انگلينڊ آئرلينڊ اسڪاٽلينڊ |
شھريت | عظيم برطانيا ۽ آئرلينڊ جي گڏيل بادشاھت |
ڌرم | لادينيت [15][16] |
بيماري | سلهہ |
عملي زندگي | |
پيشو | شاعر [17][9]،طبيب [18][19][20]،ليکڪ [21] |
ڪم جي ٻولي | انگريزي ٻولي [22][23] |
دلچسپي | نظم [10]،رومانيت [10] |
مؤثر | جان ملٽن |
تحريڪ | رومانيت |
دستخط | |
ويب سائٽ | |
IMDB تي صفحو | |
ترميم |
هن جي پيءُ جو نالو ’ٿامس‘ هو. کيس ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئي ۽ هيءُ سڀني کان وڏو هو. 1804ع ڌاري هن جي پيءُ جو روڊ حادثي ۾ موت ٿيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ هن جي ماءُ ٻي شادي ڪئي، پر اها شادي ناڪام ٿي. پوءِ سڀئي ٻار پنهنجي نانيءَ جي گهر ايڊمنٽن ۾ وڃي رهڻ لڳا. هن جي ماءُ 1810ع ڌاري ٽي. بي جي بيماريءَ سبب گذاري وئي.[24]
ڪيٽس پنهنجي تعليم ’پروگريسو ڪلرڪ اسڪول‘ مان حاصل ڪئي، جتي هن اينيئڊ (Aeneid) جو ترجمو ڪيو. 1814ع ڌاري هن جو پهريون نظم ‘Lines in Imitation of Spenser’ نالي ڇپيو. 1817ع ڌاري هن جو ڪتاب ‘Poems by Jhon Keats’ نالي ڇپيو، پر اهو مشهور ٿي نه سگهيو. 1818ع ڌاري اينڊيمين، 1819ع ڌاري ’دي ايو آف ايس ٽي ايجنس‘ ۽ ’لابيل ڊيم سينس مرسي‘ نالي نظمن جا ڪتاب ڇپيا. ساڳئي عرصي دوران هن جون مشهور ڏُکاريل ڪوِتائون: ‘On a Grecian Urn’، ‘To a Nightingale’ ۽ ‘To Psyche’ وغيره ڇپيون، جن هن کي ’امر‘ ڪري ڇڏيو.[24]
1820ع ڌاري ڪيٽس تمام گهڻو بيمار ٿيو، سيپٽمبر 1820ع تي هيءُ روم ويو ۽ ان ئي سال پنجويهن سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ نومبر 1820ع تي وفات ڪري ويو.[24]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.