جاڙا
From Wikipedia, the free encyclopedia
جاڙا(انگريزي: Twin ) (عربي ۾ توأم) ساڳي وقت پيٽ ۾ پيدا ٿيندڙ ٻن ٻارن کي چوندا آهن.[1] جڏھن اھي مونوزائگوٽڪ (monozygotic ) ھوندا آھن تہ اھي ھمشڪل ڄمندا آهن. مونوزائگوٽ جو مطلب آهي تہ ساڳي بيضي (zygote) مان پيدا ٿيندا آهن جيڪو ٻن ڳڀن (embryos) ۾ ورھائجي ويندو آهي. جاڙن جي ٻئي قسم کي ڊائزائگوٽڪ (dizygotic) چون ٿا جنھن ۾ ڄمندڙ ٻار ھمشڪل نہ ھوندا آھن آھي ٻن مختلف بيضن (zygotes) مان ٺھندا آھن ۽ اھي بيضا بہ ٻن الڳ اسپرم مان ٺھندا آھن.[2]