حياتياتي بڻياد
From Wikipedia, the free encyclopedia
حياتياتي بڻ بڻياد يا فائلم(انگريزي: phylum) (/ˈfaɪləm/;جنھن جو جمع فائلا(انگريزي: phyla)آھي ، حياتياتي درجابندي يا ٽيڪسانامي جي گروھ بندي جو ھڪ گروھ يا درجو آھي جيڪو تقسيم يا ڪنگڊم کان پوءِ جو درجو آھي. زندگيءَ جا ٽي دائرا جن جي گروھ بندي تقسيمن يا ڪنگڊمز ۾ ٿيل آھي. ھر تقسيم يا ڪنگڊم جي گروھ بندي وري بنيادن يا فائلا ۾ ٿيل آھي ۽ ھر حياتياتي بڻياد يا فائلم وري درجن يا طبقن يا ڪلاسن ۾ ورھايل آھي.حياتياتي بڻياد يا فائلم بہ ھڪ قسم جي ڊويزن آھي.[1][2][3]اينيميليا ڪنگڊم 32 بڻيادن يا فائلا ۾ ورھايل آھي. پلانٽاءڪنگڊم 14 ، فنگاءڪنگڊم 8 فائلا يا بڻيادن ۾ ورھايل آھن.