رمضان
From Wikipedia, the free encyclopedia
رمضان هجري ڪئلينڊر جو نائون مهينو آهي۔ هن کي رمضان المبارڪ به چيو ويندو آهي ۔مسلمانن جي لاء هن پوري مهيني ۾ روزا رکڻ فرض آهن۔ انهي ۾ هڪ رات اهڙي آهي جنهن کي شب قدر چيو ويندو آهي۔ قرآن جي مطابق جنهن جي عبادت هزار مهينن جي عبادت کان بهتر آهي۔ لفظ رمضان عربي جو لفظ آهي جيڪو رمضه مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي سخت گرمي[1] [2].. ھي مھينو اسلام کان آمد کان اڳ جو مھينو آھي ۽ ان مھيني ۾ سخت گرمي جي موسم ۾ سج جي سخت تپش ٿيندي ھئي ان نسبت سان ان جو نالو رمضان پئجي ويو شروع ۾ 2 ھجري کان اڳ ھر ٽئين سال ھڪ مھينو وڌائي ان سال کي تيرھن مھينن جو ڪيو ويندو ھو، جنھن سان قمري ۽ شمسي سال جي وچ ۾ ھر سال ٿيندڙ 10 ڏينھن جو فرق ختم ٿي ويندو هو. تنھن ڪري ھي مھينو ھر سال ان ساڳي بھار جي موسم ۾ ايندو ھيو پر سن 2 ھجري ۾ سورة التوبة جي آيت نمبر 36 نازل ٿيڻ کان پوء (جنھن ۾ سال ۾ صرف ٻارھن مھينن کي لازمي ڪيو ويو) ان تيرھين مھيني شامل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو ويو جنھن ڪري رمضان ھاڻي مستقل ان ساڳي سخت گرمي واري مند ۾ نہ ايندو آهي.
رمضان | |
---|---|
کجي جي وڻ جي مٿان هلال جو منظر، مسلمان چنڊ ڏسي ئي پنهنجي اسلامي مهينن جي ابتداء ڪرندا آهن۔ | |
ملهائڻ وارا | مسلم |
قسم | مذهبي |
تقريبون | اجتماعي افطاريون ۽ اجتماعي نمازون (تراويح) |
رسمون | * روزو (رکڻ) |
شروعات | 1 رمضان |
ختم | 29، يا 30 رمضان |
تاريخ | Variable (follows the Islamic lunar calendar) |
تقرر | هر سال رمضان ۾ |
لاڳاپيل | عيد الفطر، ليلة القدر |