حضرت علي جي نياڻي From Wikipedia, the free encyclopedia
زينب جو پورو نالو زينب ڪبري آهي[3].عڪس بيبي خديجته الڪبري[4] ء عڪس علي[5] آهن. جيڪا با عرب گھراڻي جي نياڻي آهي ان ڪري جو سندن علي ۽ زهرا جي ڌي ۽ رسول خدا محمد جي ڏُوهِٽي آهي.[6]
هن مضمون جي اڻ ڌُريائپ (غير جانبداري) تڪراري آهي. مهرباني ڪري هن مضمون جو جانبداري وارو مَواد ڊانهيو يا ترميم ڪري انکي اڻ ڌُريو بڻايو يا مضمون جي بحث صفحو تي راءِ ڏيو. |
حضرت زينب جي پيدائش جي باري ۾ مختلف روايتون ملن ٿيون پر معتبر روايت جي مطابق سندس ولادت 5 جمادي الاول سن 6 هجري ۾ جزرت العرب جي شهر مديني ۾ ٿي[7]
جڏهن سائڻ زينب (سلام الله عليها)جي ولادت ٿي ته پاڪ نبي حضرت محمد مصطفى (صلي الله عليه وآله وسلم)مديني ۾ نه هئا تنهنڪري حضرت فاطمه زهرا (سلام الله عليها) حضرت علي (عليه السلام)جي خدمت ۾ اچن ٿيون ۽ فرمائن ٿيون: اي علي (عليه السلام) توهان هن ننڍڙي جو ڪو نالو رکو، اتي مولاءِ ڪائينات حضرت امام علي(عليه السلام)پنهنجي گھرواري کي جواب ۾ فرمائين ٿا: اسان ان ننڍڙي جو نالو نٿا رکون بلڪه رسول خدا (صلي الله عليه و آله وسلم) جو انتظار ڪريون ٿا.
جڏهن پاڪ پيغمبر (صلي الله عليه وآله و سلم) سفر تان واپس آيا ته حضرت علي (عليه السلام)ان بابرڪت ولادت جي خوشخبري ڏيندي فرمايو ته اي الله سائين جا رسول(صلي الله عليه و آله وسلم) هن ننڍڙي جو نالو توهان رکو ته ان وقت پاڻ (صلي الله عليه و آله وسلم)فرمائڻ لڳا: هن نياڻي جو نالو ائون نه بلڪه الله سائين رکندو، پيغمبر جا جملا ختم ٿيندي ئي حضرت جبرائيل نازل ٿيو ۽ الله سائين جي طرفان هي پيغام پاڪ نبي(صلي الله عليه و آله وسلم) کي ٻڌائيندي فرمائين ٿا: ان ننڍڙي جو نالو الله سائين زينب رکيو آهي.[8]
جڏهن محمد ان ولادت جي موقع تي علي جي گهر آيو ته هن پنهنجي هَنجَ ۾ کڻي پيار ڪرڻ لڳا ته ان وقت حضرت علي (عليه السلام) ۽ بيبي فاطمه زهرا( سلام الله عليها) ڏٺو ته رسول خدا (صلي الله عليه و آله وسلم) زارون زار روئي رهيا آهن.
سائڻ زهرا (سلام الله عليها) روئڻ جو سبب پڇن ٿيون ته رسول خدا (صلي الله عليه و آله وسلم) پنهنجي ڌي کي فرمائين ٿا: اي ڌي، منهنجي ۽ توهان جي هن دنيا کان وچڻ بعد(ميدان ڪربلا ڏانهن اشارو آهي) هن معصوم تي وڏيون مصيبتون اينديون[3].[7]
تاريخي ڪتابن ۾ توهان جا لقب 61 جي لڳ ڀڳ ٻڌايا وڃن ٿا[9] جن مان ڪجهه مشهور هيٺ ڏنا وڃن ٿا.
سائڻ زينب جي تربيت جنت جي عورتن جي سردار،اميرالمومنين ء الله جي آخري نبي حضرت محمد صه جي سائي مبارڪ ۾ ٿي.[10]
سائڻ جي شادي 17 هجري ۾ پنهنجي چاچي جي پٽ عبد الله بن جعفر بن ابي طالب سان ٿي جنهن شادي ۾ هڪ شرط به لڳائي وئي اها شرط هي هئي ته جڏهن به امام حسين (عليه سلام) سفر ۾ پنهنجي ڀيڻ کي وٺي وڃن ته ان سفر کان عبدالله نه روڪيندا.[11]
هڪ روايت مطابق ڪل چار فرزند ٻڌايا ويا آهن جن جا نالا مبارڪ: محمّد، عون، جعفر، ام ڪلثوم آهي.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.