![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/8/8a/Cement_02_%2528cropped%2529.jpg/640px-Cement_02_%2528cropped%2529.jpg&w=640&q=50)
سيمنٽ
From Wikipedia, the free encyclopedia
سيمنٽ يا سيمينٽ (Cement) عام طرح سان مختلف ڪارخانن ۾ تيار ٿيل خاڪي رنگ جو سيمينٽ (Ordinary Portland Cement) تعميراتي ڪمن ۾ استعمال ڪيو ويندو آھي. خاص حالتن ۾ سامونڊي علائقن يا ڪلراٺي علائقن ۾ ڪلر روڪ سيمينٽ (Sulphate Resisting Cement) پڻ استعمال ڪيو ويندو آھي. انھيءَ کانسواءِ خوبصورتيءَ ۽ آرائش واسطي سفيد سيمينٽ (White Cement) پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ خاص طور تي فرشن، موزئيڪ ۽ سنوسيم جي ڪم لاءِ ھن قسم جو سيمينٽ استعمال ڪيو وڃي ٿو.
![سيمنٽ](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/8/8a/Cement_02_%28cropped%29.jpg/640px-Cement_02_%28cropped%29.jpg)
سيمينٽ جيترو تازو ھجي اوترو چڱو، ڇاڪاڻ تہ ٽائيم گذرڻ سان انھيءَ جي قوت ۾ گهٽتائي ٿيندي وڃي ٿي. جيڪڏھن سيمينٽ کي ڪجهہ وقت لاءِ رکڻو پوي تہ بند رکيو وڃي جيئن اھو ڳنڍا ۽ ڳوڙھا نہ ٿي وڃي. جيڪڏھن پراڻي سيمينٽ ۾ ڳنڍا ٿي وڃن تہ اھو استعمال لائق نہ ٿو رھي.[1]
پاڻي ملائڻ بعد سيمينت 30 منٽن کان پوءِ سيٽ ٿيڻ شروع ٿيندو آھي انھيءَ سبب ڪري پاڻي ملائڻ بعد سيمينٽ 30 منٽن اندر استعمال ڪيو وڃي.[1]
ڇھن مھينن کان وڌيڪ رکيل سيمينٽ تجربيگاه (Laboratory) مان چڪاس (Test) ڪرائي پوءِ استعمال ڪيو وڃي.[1]
اڄ ڪلھ سيمينٽ 50 ڪلو گرامن جي ٻورين ۾ دستياب آھي.[1]