From Wikipedia, the free encyclopedia
شنيد ايئرن (انگريزي: Seanad Éireann)، ,[1] جيڪا آئرلينڊ جي سينيٽ ۽ آئرلينڊ جي اريڪتاس (پارليامينٽ) جو مٿيون ايوان آھي. ان جا رڪن سينيٽر سڏبا آهن. اريڪتاس جي ھيٺين ايوان دائل ائيرن جي برعڪس ھن ايوان جي رڪنن جي سڌي چونڊ ڪانہ ٿيندي آهي. ان جا اختيار بہ دائل ائيرن جي ڀيٽ ۾ محدود آهن. ان کي ويٽو جو اختيار ڪانہ آھي . ڪو بہ بل دائل ائيرن کان منظور ٿي ہوء شنيد ۾ ايندو آهي ۽ سينيٽ جي رد ڪرڻ بعد ٻيھر دائل ائيرن ۾ پيش ٿيندو آهي جنھن جي منظوري حتمي ھوندي آھي. ان جي رڪنن جي چونڊ مختلف طريقن سان عمل ۾ ايندي آھي. 43 سينيٽرن کي ڪائونسلر يا پارليامينٽر چونڊيندا آهن. 11 جي چونڊ تيشخ (وزيراعظم) ڪندو آهي. 6 سينيٽرن جي چونڊ ٻن يونيورسٽين وارن تڪن ذريعي ٿيندي آهي. اھڙي طرح شنيد جا ڪل 60 رڪن ھوندا آھن.
شنيد ايئرن آئرلينڊ جي سينيٽ | |
---|---|
قسم | |
قسم | جيڪو اريڪتاس جو حصو آهي |
اڳواڻي | |
ڪاھيئرلخ |
مارڪ ڊئلي، (فيئانا فئل) 29 جون 2020 کان |
ليئس ڪاھيئرلخ |
خالي |
شنيد جو ليڊر |
ريگينا ڊھورٽي، (فائين گئل) 27 جون 2020 کان |
ڊپٽي ليڊر |
ليزا چيمبرس، (فيئانا فئل) 29 جون 2020 کان |
مخالفت ڌر جا ليڊر |
ايوانا باچڪ (ليبر پارٽي)
۽ نيئل او ڊونگئلي (شن فئين) 29 جون 2020 کان |
ڍانچو | |
سيٽون | 60 |
چونڊون | |
پويون چونڊون |
آئرش شنيد جون چونڊون، 2020 |
گڏجاڻيءَ جو ھنڌ | |
شنيد چيمبر
لينسٽر ھائوس, ڊبلن | |
ويب سائيٽ | |
oireachtas |
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.