From Wikipedia, the free encyclopedia
هڪ لوڪ شفا ڏيندڙ هڪ اهڙي عورت آهي جيڪا بنا تعليمي ڊگري جي روايتي طريقن، جڙي ٻوٽين جي علاج ۽ مختلف صلاح يا مشورن کي استعمال ڪندي شفا جي فن تي ڪم ڪري ٿي. لوڪ شفا ڏيندڙ هڪ اعليٰ تربيت يافته واري شخص ٿي سگهي ٿي جيڪا پنهنجي خاصيتن جي پيروي ڪري، مطالعي، مشاهدي ۽ تقليد ذريعي سکيا حاصل ڪندي آهي. ڪجهه ثقافتن ۾ اهو پڻ چيو ويندو آهي ته لوڪ شفا ڏيندڙ شخص کي پنهنجي والدين کان شفا ڏيڻ جو "تحفو" ورثي ۾ مليو آھي.
ڏاکڻي اپالاچيا ۽ اوزارڪس ۾ ظعيف عورتن جيڪي ڏاڏي يا ناني جو حيثيت رکن ٿيون ان کي لوڪ شفا ڏيندڙ يا دائيون پڻ قرار ڏنو ويو آهي، ڪجهه تعليمي ماهرن طرفان 1880 کان 1930 جي ڏهاڪي تائين ڏاکڻي اپالاچيا ۽ اوزارڪس ۾ ان ڪم ڪرڻ جي دعوي پڻ ڪئي وئي آهي. اهي نظرياتي طور يا عام طور تي ڪميونٽي ۾ وڏي عمر واريون عورتون آهن ۽ ڏکڻ اپاليچيا جي غريب ڳوٺاڻن علائقن ۾ ٻين ماڻهن جي صحت جي سار سنڀار ڪندڙ واريون عورتون پڻ سڏيون وينديون آهن. لوڪ شفا ڏيندڙ ان ڪم جي ادائيگي جو توقع نه ڪنديون آهن يا کڻي ائين چئجي ته لوڪ شفا ڏيندڙ عورتون رضاڪارانه طور تي ڪم ڪنديون آهن. جڙي ٻوٽين جي علاج ۽ دائيپو ڪم ڪرڻ جي حيثيت سان لوڪ شفا ڏيندڙ عورتن جو انهن معاشرن ۾ احترام ڪيو ويندو آهي. انهن لوڪ شفا ڏيندڙن عورتن جو ذڪر جان سي ڪيمپبل پاران The Southern Highlander and His Homeland ڪتاب ۾ ڪيو ويو آهي. [1]}}
اپالاچيا ۾ لوڪ طب جو تاريخي طور تي چمڙي جي ڪينسر جي علاج جا غير روايتي طريقا شامل آهن. 1900 جي شروعات ۾، هڪ ورجينين شخص، ٿامس ريلي ڪارٽر نالي شخص دائپي جي ڪم ڪرڻ کان علاوه چمڙي جي ڪينسر کي شفا ڏيڻ واري قابليت جي ڪري مشهور ٿيو،[2] جيتوڻيڪ هو هڪ وزير هو، پر هن جو علاج خاص جڙي ٻوٽين ۽ ٻوٽن جي استعمال يا انهن مان دوائون ٺاهڻ تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ اعلي طاقت تي ڀروسو ڪرڻ هو. ڪارٽر پنهنجي فارمولا کي ڳجهو رکيو، هن جي پنهنجي خاندان سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمن ۽ چمڙي جي بيمارين جو علاج ڪيو. انهن بيمارين لاءِ مڃيو ويندو هيو ته اهي ڪينسر جون بيماريون آهن.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.