ماءٌ
مادي والدہ / From Wikipedia, the free encyclopedia
ماءُ:mother : موجوده انگريزي لفظ Mother وچولي دور جي انگريزي لفظ moder مان ۽ اھو وري قديم انگريزي جي لفظ mōdor مان نڪتل آهي جيڪو وري پروٽو جرمنڪ لفظ mōdēr مان نڪتل آهي. ايسٽ فرسين East Frisian ۾ ان لفظ کي muur ، ڊچ ٻوليءَ ۾ moeder، جرمن ٻوليءَ ۾ Mutter چوندا آھن . اھي سڀ [پروٽو انڊو يورپين]] لفظ méh tērمان نڪتل آھن.آئرش ٻولي ۾ ماء کي máthair توچيرين Tocharian ٻوليءَ ۾ mācar ۽ mācer, لٿونين ٻوليءَ ۾ mótė، لاطيني ۾ māter، يوناني ۾ μήτηρ ، سلاوڪ Slavic ٻولي ۾ mati، روسي ۾ мать يا (mat’)، فارسي ۾ مادر madar، عربي ۾ ام، سنسڪرت ۾ ماتر (मातृ ) , اردو ۾ ماں يا امی ، ھندي ۾ ماتا ۽ سنڌي ۾ ماء يا امان چوندا `ھن ۔ والدين ۾ مرد کي پيءُ ۽ عورت کي ماءُ سڏيندا آهن. جيڪي عورتون پيٽ سان ھونديون آھن انھن کي بہ اميد واري ماء ي ٿيندڙ ماءُ ی بائلاجیڪل ماء پڻ سڏيو ويندوآهي. بائيلاجيڪل ماء جيان اھڙو درجو اڃان پيء کي نہ ملندو آھي.[1][2] ٻين جو ٻار ايڊاپٽ ڪندڙ ماء يا ويڳي ماءُ کي نان بائيلاجيڪل ماء پڻ سڏيو آهي. جانورن ۾ بہ ٻارن کي جنم ڏيندڙ ۽ ان جي پالنا ڪندڙ ماديءَ کي ماء چيو ويندو آھي. ٻار دنيا ۾ اچڻ کان اڳ ماءُ جي پيٽ ۾ پرورش حاصل ڪندو آھي.
هر هڪ انسان هڪ ئي وقت ڪيترن ئي رشتن سان لاڳاپيل رهي ٿو. پٽ به آهي ته ڀاءُ به ڀائيٽيو به آهي ته ڀاڻيجو نه، ماروٽ به آهي ته ماسات به، ساڳيءَ ريت هو هڪ ئي وقت ڪنهن جي اکين جو نور ۽ محبت جو بيڪر آهي ته ڪنهن جي نفرت ۽ حقارت جو ڪارڻ! پر مڙني رشتن ۽ ناتن، لڳ ۽ لاڳاپن ۾ ماءُ جو رشتو هڪ اهڙو رشتو آهي، جيڪو هر حال ۾ بي پناهه محبت جو مجسمو آهي. ماءُ ٻار کي 9 مهينا پيٽ اندر پالي ٿي. پردن اندران سندس هر طرح پرگهور لهي ٿي، رڳن ۽ نسُن جي سهاري کيس کاڌو پهچائي. سرجڻ کان پيدا ٿيڻ تائين سور سهي ٿي. تنهن کان پوءِ راتين جو راتيون نيڻن جي ننڊ حرام ڪري، پنهنجو سک ۽ آرام ڦٽائي، سونهن ۽ سينگار ختم ڪري، اولاد کي هر حال ۾ سکيو ڏسڻ گهري ٿي، ان جي بدلي کيس جيڪي تڪليفون ۽ اهنج عذاب سهڻا پون ٿا، تن کي هوءَ اندر واري اڪير وچان برداشت ڪندي پيئي سُرور محسوس ڪندي آهي..[3]
اولاد لاءِ سندس اهڙي شفقت، پيار ۽ پاٻوهه جي ڪري ئي اها چوڻي مشهور ٿي آهي ته ”پيءُ مئي ٻار اڌ ڇورو ٿيندو آهي، پر ماءُ مئي سڄو ڇورو“ ڇاڪاڻ ته پيءُ ، ماءُ جي بنسبت اولاد جو ايترو اونو نه رکي سگهندو آهي. پيءُ ڪيترن ٻين ڪمن کي اولاد کان وڌيڪ ڄاڻيندو آهي. پر ماءُ اولاد جي ڀيٽ ۾ ٻي هر شيءِ قربان ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويندي آهي. هوءَ پاڻ کي ڏکيو بکيو رکي به اولاد کي هر لحاظ کان سک پهچائيندي رهندي آهي. ماءُ جي اها محبت ئي آهي جا اولاد جي هر موڙ تي رهنمائي ڪري ٿي. محبت جا ٻه قسم ”وجدائي“ ۽ ”ورداتي“ چيا وڃن ٿا. وجدائي يعني اهڙي محبت جا قدرتي طور تي پيدا ٿيندي هجي، جنهن کي ٻين لفظن ۾ نطري محبت به چئجي ٿو اهڙيءَ محبت لاءِ جيئن ٿڌ تيئن وڌ وارو مثال پوريءَ ريت ٺهڪي اچي ٿو. ان کي اول کان آخر تائين بي پناهه خلوص ۽ محبت جو اميري يا عريبي،سونهن يا ڪوجهائيءَ سان ڪو واسطو نه هوندو آهي، نه وري اها ڪا مختلف دورن ۾ وڌبي گهٽبي آهي. هن محبت واري درجي ۾ ماءُ واري محبت شمار ڪئي وڃي ٿي. ماءُ پنهنجي اولاد سان محبت، بغير ڪنن مفاد يا لالچ جي ڪندي آهي، اها محبت جنهن کي ڪيڏا به ڏک ۽ ڏاکڙا، اهنج ۽ عذاب خم ڪري نه ٿا سگهن. بلڪ جڏهن به ڏکن ڏاکڙن مُنهن ڪڍيا آهن ته اها بي لوث محبت ويتر وڌيڪ آزمائش جي گهڙين منجهان گذرڻ لاءِ تيار نظر اچڻ لڳي آهي.[3]