ميسا، ايريزونا
From Wikipedia, the free encyclopedia
ميسا (انگريزي Mesa) آمريڪا جي رياست ايريزونا جو ھڪ شھر آھي. ميريڪوپا(Mericopa) ڪائونٽي ۾ آباد ھي شھر فينڪس ميٽروپوليٽن ايريا (Phoenix Metropolitan Area) جي اوڀر پاسي واري ماٿريءَ جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر آھي[3]. ھن جي اولھ ۾ ٽيمپي، اتر ۾ اصلوڪن آمريڪين جو سالٽ ندي پيما ميريڪوپا ( Salt River Pima-Maricopa Indian Community) وارو علائقو، ڏکڻ ۾ چينڊلر ۽ گلبرٽ ۽ اوڀر ۾ ڪوئين ڪريڪ (َQueen Creek) ۽ اپاچي جنڪشن (Apache Junction) آباد آھن.
ميسا، ايريزونا | |||
---|---|---|---|
شھر | |||
ڊائون ٽائون ۾ ميسا جو آرٽس سينٽر | |||
| |||
![]() ميسا جي سيريزونا جي ميريڪوپا ڪائونٽي ۾ بيھڪ | |||
آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ بيھڪ | |||
جاگرافي بيهڪ: 33°25′20″N 111°49′22″W[1] | |||
ملڪ | ![]() | ||
رياست | ايريزونا | ||
ڪائونٽي | ميريڪوپا | ||
بنياد پيو | 1878ع | ||
حڪومت | |||
• قسم | ميئر ڪائونسل گورنمينٽ | ||
پکيڙ[2] | |||
• ڪل | 139.42 ميل2 (361.09 ڪ.م2) | ||
• زميني | 138.79 ميل2 (359.48 ڪ.م2) | ||
• آبي | 0.62 ميل2 (1.62 ڪ.م2) | ||
بلندي[1] | 1,240 ft (380 ميل) | ||
آبادي (2020) | |||
• ڪل | 504,258 |
ھي فينڪس ۽ توسان کان پوءِ آباديءَ جي لحاظ کان ايريزونا رياست جو ٽيون وڏو شھر ۽ آمريڪا جي گڏيل رياستن جو 37ھون وڏو شھر آھي. ھي آمريڪا جي گڏيل رياستن جو اھو واحد شھر آھي جيڪو ڪنھن ڪائونٽي جي گاديءَ جو ھنڌ ناھي. 2020ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 504,258 آھي.
ھن شھر ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي تعليمي ادارا موجود آھن جن ۾ ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ جو پوليٽيڪنڪ ڪئمپس، اي ٽي اسٽل يونيورسٽي (A.T. Still University)، اپر آئوٽا يونيورسٽي (Upper Iowa University)، ميسا ڪميونٽي ڪاليج، چينڊلر گلبرٽ ڪميونٽي ڪاليج، ايريزونا ڪاليج، ڪيرنگٽن ڪاليج، ڊيوري يونيورسٽي (DeVry University)، پيما ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ۽ ٻيا ادارا شامل آھن[4]. انھن ادارن ۾ چاليھن ھزارن کان مٿي شاگرد علم جي اڃ اجھائن ٿا. شھر جي ڏکڻ اوڀر واري علائقي ۾ فينڪس ميسا گيٽوي ھوائي اڏو موجود آھي. ان کان علاوھ ھتي ھڪ رليف ھوائي اڏو (Relief Airport) پڻ موجود آھي.