نئون سال
هڪ ڪئلينڊر سال جو پهريون ڏينهن، خاص طور تي، جولين ۽ گريگورين ڪئلينڊر ۾ جنوري 1 From Wikipedia, the free encyclopedia
هڪ ڪئلينڊر سال جو پهريون ڏينهن، خاص طور تي، جولين ۽ گريگورين ڪئلينڊر ۾ جنوري 1 From Wikipedia, the free encyclopedia
نئون سال، يا نئين سال جو ڏينھن (انگريزي: New Year) اُن ڏينھن کي چئبو آھي، جنھن ڏينھن ڪنھن جنتري يا ڪئلينڊر ۾ نئين سال جو آغاز ٿيندو آھي. جيئن تہ ھلندڙ دؤر ۾ گريگوري ڪيلينڊر يا انگريزي ڪئلينڊر گھڻو عام ٿي ويو آھي، تنھنڪري اھو ڏينھن پھرئين جنوري تي مَلِھَايو ويندو آھي.[1]. تنھن ھوندي ڪيترن ئي ٻين ڪيلينڊرن ۾ ڌارَ ڌارَ نئون سال ملھايو ويندو آھي. ايران جا رھواسي ۽ پارسي ماڻھو پنھنجي جنتري (ڪئلينڊر) جي حساب سان ان ڏينھن کي نو روز ھي نالو سان ملھائيندا آھن، سنڌي ماڻھو اھو ڏينھن چيٽي چنڊ جي نالي سان ملھائيندا آھن. چين واسي پڻ انھيءَ ريت پنھنجو نئون سال ملھائيندا آھن. انڊيا ۾ اندازي موجب (تقريبن) ھر رياست جا ماڻھو پنھنجو الڳ نئون سال جو ڏھاڙو ملھائيندا آھن، مثال طور تيلگو ماڻھو اگادي ۽ آسامي بيھو ملھائيندا آھن.
نئون سال ملهائڻ جي شروعات نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ کان ٿيندي آهي ۽ پوءِ سڊني، آسٽريليا ۽ پوءِ ٻين مُلڪن ۾ نئين سال کي ملهائڻ جو جشن شروع ٿيندو آهي.[2] نئون سال کي ماڻھو اِن اُميد سان ملھائيندا آھن تہ جيئن ان جي اچڻ سان ماڻھن جا ايندڙ ڏينھن سُٺا گُذرندا. ان موقعي تي ماڻھو ھڪٻئي کي واڌايون (مبارڪون) ڏيندا[3][4]، ڀاڪُر پائي ملندا، خوشيءَ جو اظھار ڪرڻ ۽ ٻين ماڻھن کي پڻ ان بھتر اُميد لاءِ واڌايون ڏيندا آھن.انھيءَ مناسبت سان ڪُجھ جڳھن تي ناچ (رقص)، گڏجاڻيون ۽ گلوڪاري جو بندوبست ڪيو ويندو آھي. ڪيترن ئي ھوٽلن ۾ ڊسڪو يا ڪنھن ناچ (جھِمِر) جو انتظام ڪيو ويندو آھي. ڪجهه ھنڌن تي راڳ محفل مناسبت سان رُڳو جوڙن کي اچڻ جي اجازت ھوندي آھي. ڇڙو مرد يا ڇڙي عورت جو اچڻ تي روڪَ (پابندي) ھوندي آھي.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.