نارين جي فٽبال سَڀا
فٽبال جي منڊلي جڏهن اها مائين پاران کيڏي ويندي آهي / From Wikipedia, the free encyclopedia
نارين جي فٽبال سَڀا ويمن اسوسيئيشن فٽ بال، عام طور تي مائين جي فٽبال يا عورتن جي فٽ بال طور سڃاتي ويندي آهي، هڪ ٽيم راند آهي، جيڪا ان سان لاڳاپيل فٽبال وانگر آهي، جيڪو رڳو زائفائون ئي کيڏنديون آهن. هي راند پيشي وراڻي سطح تي سموري دنيا جي انيڪ ملڪن ۾ کيڏي ويندي آهي ۽ قومي سطح تي 176 ٽيمون حصو وٺنديون آهن.[1][2] فٽ بال راند جو هڪ قِسم آهي جيڪو زائفائون کيڏنديون آهن، جيئن عورتن جي ٽينس، يا وري انهن جي جنس لاءِ مخصوص ٿيل ڪرڪيٽ جي راند هوندي آهي. جڏهن تہ ڪيترن ئي ڏيهن ۾ جتي مردن جي فٽ بال ٽيمون موجود آهن، اُتي نارين جي فٽ بال ٽيمون پڻ موجود آهن، تنهن هوندي ڪُجهہ ملڪن ۾ يا تہ ان راند ۾ زائفائن جي ڀاڱيداري تي روڪ وَڌل آهي، يا اهڙيون ڪُجهہ رڪاوٽون اتيت ۾ وِڌل هيون.
نارين جي فٽبال راند جي اتهاس قومي ۽ عالمي سطح تي وڏن وڏن مقابلا ڏٺا آهن. زائفائن جي فٽبال پنهنجي پوري تاريخ ۾ ڪيتري ئي جدوجهد کي مُنهن ڏيڻو پيو. جڏهن تہ ان جو پهريون سونهري دور 1920 جي ڏهاڪي جي شروع ۾ برطانيا ۾ ٿيو هيو، وڏن وڏن ميڙن کي لُڀائيندڙ ميچ (هڪ ميچ 50،000 کان وڌيڪ شوقين ماڻيا)[3]، فٽبال اسوسيئشن 1921 ۾ هڪ پابندي لڳائي هئي، جنهن ۾ نارين جي فٽبال راند کي ان جي ميمبر ڪلب هيٺ استعمال ڪرڻ کان جهليو ويو هيو.اها روڪ جولاءِ 1971 تائين لاڳو رهي.[4]
مهورتي فيفا ويمن ورلڊ ڪپ سال1991 ۾ چين ۾ ڪرايو ويو.[5] تڏهن کان هن راند کي مقبوليت حاصل ٿي آهي.[6] ڪينيڊا ۾ فيفا ويمنز ورلڊ ڪپ جو فائنل 2015 ۾ آمريڪا جي اتهاس ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ فٽبال راند هيو[7] ۽ سموري دنيا ۾ 1.12 بلين کان وَڌيڪ ماڻهن فرانس ۾ ٿيندڙ 2019 فيفا ناريون ورلڊ ڪپ فٽبال راند کي ڏٺو.[8]