ناگپور
From Wikipedia, the free encyclopedia
ناگپور (انگريزي: Nagpur)هندستان جي مهاراشٽر رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون نمبر وڏو شهر ۽ سياري جي موسم ۾ رياست جي گاديءَ جو هنڌ آهي [5]. هيءُ شهر ناگ نديءَ جي ڪناري تي آباد ٿيل آهي، انهيءَ ڪري هن شهر تي ناگپور نالو پيو[6]. هڪ اندازي موجب هيءُ شهر 2019 کان 2035ع دوران دنيا جو پنجون تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ شهر ثابت ٿيندو ۽ هتي آباديءَ جي سراسري واڌ 8.41 سيڪڙو ٿيندي. هن شهر کي هندستان جي صاف سٿرن شهرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هي شهر مهاراشٽر رياست جي مکيه معاشي ۽ سياسي مرڪزن مان هڪ آهي. هتي صحت ۽ اچ وڃ جون بهترين سهوليتون آهن. جيتوڻيڪ هتي آرام ۽ آسائش جون انيڪ سهولتون موجود آهن پر هي شهر تعصب پرستي ۽ مذهبي انتها پسنديءَ جي ڪوهيڙي ۾ وڪوڙيل آهي. هي شهر هندو قومپرست تنظيم راشٽريا سويم سيوڪ سنگه (RSS) جو ڳڙھ آهي. هتي ٻڌ مذهب سان واسطو رکندڙ دليت به ڪافي سرگرم آهن. هتي گوتم ٻڌ جو هڪ وڏو اسٽوپا ٺهيل آهي جيڪو ”ديڪشاڀومي“ جي نالي سان مشهور آهي. ناگپور جون نارنگيون سڄي هندستان ۾ مشهور آهن. شهر ۽ ان جي آسپاس نارنگين جا ڪئين باغ نظر اچن ٿا ۽ هتي نارنگين جو ڪاروبار وڏي پيماني تي ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري هن کي ”نارنگين جو شهر“ پڻ سڏيو وڃي ٿو[7]. هن شهر ۽ ان جي آسپاس چيتا گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا ان ڪري هن شهر کي ”چيتن جو شهر“ يا ٽائيگر گيٽ وي آف انڊيا (Tiger Gateway of India) به ڪوٺيو وڃي ٿو.
ناگپور | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
شهر | |||||||
مٿان کان هيٺ، گهڙيال جي ڪانٽن جي ابتي رخ ۾:سوامي نارائڻ مندر، ناگپور جون نارنگيون، ناگپور ۾ گڻيش جو ميلو ، ناگپور شهر اسڪائي لائين ۽ ودرڀا ڪرڪيٽ ائسوسيئيشن اسٽيڊيم | |||||||
عرفيت: نارنگين جو شهر,[1] هندستان جي دل[2] چيتن جو شهر | |||||||
مهاراشٽر ۾ ناگپور جي بيهڪ | |||||||
جاگرافي بيهڪ: 21°9′N 79°5′E | |||||||
ملڪ | ڀارت | ||||||
رياست | مهاراشٽر | ||||||
ريجن | ودرڀا | ||||||
ضلعو | ناگپور | ||||||
بنياد پيو | 1702[3] | ||||||
قيام | بخت بلند شاھ | ||||||
حڪومت | |||||||
• قسم | ميئر ــ ڪائونسل | ||||||
• مجلس | ناگپور مييونسپل ڪارپوريشن. ناگپور ميٽروپوليٽن ريجن ڊولپمينٽ اٿارٽي | ||||||
پکيڙ | |||||||
• ناگپور شهر | 227.36 ڪ.م2 (87.78 ميل2) | ||||||
بلندي | 310 ميل (1,020 ft) | ||||||
آبادي (2011)[4] | |||||||
• ناگپور شهر | 2,405,665 |