هندستاني بادشاهه From Wikipedia, the free encyclopedia
هرش يا هرش ورڌن (انگريزي ٻولي: Harsha or Harshavardhana)[1] ٿانيسور جي راجا پرڀاڪر ورڌن جو ننڍو پٽ ھو. هرش آڪٽوبر 606ع ۾ ٿانيسور جي گاديء تي ويٺو ۽ پاڻ کي هرش ورڌن جي نالي سان سڏائڻ لڳو. تخت نشينيء کان وٺي ساندھ ساڍا پنج سال ڀروارين رياستن سان لڙائيء ۾ مصروف رهيو.[2]
هيون سانگ چيني ياتري جي لکڻ موجب هن پنهنجي گادي قنوج ۾ قائم ڪئي. سندس فوجي طاقت تمام زبردست هئي. هو اوڀر کان اولھ تائين ڪاهيندو ويو ۽ رستي ۾ ايندڙ رياستون فتح ڪري تابعدار بنايائين. هرش جي فوج ۾ پهريان پنج هزار هاٿي، ويھ ھزار سوار ۽ اڌ لک پيادا سپاهي هئا. اتر هندستان جي خودمختيار رياستن کي فتح ڪرڻ کان پوء سندس فوج جو تعداد اڃا به وڌي ويو. چيو وڃي ٿو ته ان وقت سوار سپاهين جو انگ هڪ لک هو ۽ هاٿي اٽڪل سٺ ھزار هئا. 612ع تائين هن اتر هندستان جو پنجاب کان علاوه ٻيو سڄو حصو بنگال تائين فتح ڪيو. سن 643ع ڌاري بنگال جي اپسمنڊ تائين جيڪي به ملڪ هئا ۽ پڻ آسام فتح ڪري ڇڏيو.
پنهنجي زندگيء ۾ ھن صرف راجا پوليڪسن 2 سولنڪيءَ کان دکن جي ميدان تي شڪست کاڌي.[3] هرش شِوِ ديوتا جو پوڄاري هو. سن 646ع جي آخر يا 647ع جي شروع ۾ پرلوڪ پڌاريائين.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.