From Wikipedia, the free encyclopedia
پليڪوزوئا(انگريزي: Placozoa) گھڻ گھرڙيائي جاندارن جي ھڪ پيڙھياتي بڻ جو نالو آھي.[1] بناوٽ ۾ ھي سڀني گھڻ گھرڙيائي جاندارن ۾ سڀ کان وڌيڪ سادو ھوندا آھن.انھن جي گروھ بندي ساڳي جنس جي صورت ۾ ٿيل آهي. جنھن کي ٽرائڪوپليڪس اڊھئرنس چون ٿا. جيتوڻيڪ انھن جي اندر جينز جي ڪافي گوناگونيت آهي جنھن مان ان نسل جي جاندارن جون جنسون گھڻيون ھجڻ کپن پر آھي مارفالاجي جي علم مطابق ساڳي جنسن وارا آهن.[2][3][4][5] ھن فائلم جي دريافت 1883 ۾ جرمن زولاجسٽ فرانز ايلھارڊ شولز (1840–1921) ڪئي ھئي.[6] ۽ گذريل ستر جي ڏهاڪي ۾ جرمن پروٽوزولاجسٽ ڪارل گوٽليب گريل (1912–1994) ان جو باقاعده تجزيو ڪيو [7] ان جي درجي بندي ۾ ان جو ڪوبہ عام نالو موجود ڪونھي ۽ ھن جي مٿي ذڪر ڪيل سائنسي نالي جي معني سنوان يا ھموار جانور(انگريزي: "flat animals") آھي.[8] ٽرائڪوپليڪس ھڪ ننڍڙو ھموار يا افقي شڪل جو ھڪ ملي ميٽر جيترو جاندار آھي. اموئبا(انگريزي: Amoeba) وانگر ھن جا به مستقل خدخال نہ ٿيندا آهن پر ان جي جسم جو ھيٺيون حصو چپٽيل يا دٻيل ھوندو آھي ۽ مٿيون حصو سنئون يا ھموار هوندو آهي. ان جي جسم جو ٻاهريون تھ ھڪ سادي ايپيٿيليم گھرڙن جو ٺھيل ھوندو آھي جنھن جي مدد سان ھي جاندار سمنڊ جي تري ۾ رڙھي سگھڻ جي صلاحيت رکندڙ ھوندا آھن
پليڪوزوئا | |
---|---|
ٽرائڪوپليڪس اڊھئرنس | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | پليڪوزوئا |
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.