![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/f/f1/Placenta.svg/langsd-640px-Placenta.svg.png&w=640&q=50)
ڄر
ھڪ عضوو جيڪو ناڙي ذريعي ٻچيداڻي سان ڳنڍيل ھوندو آھي / From Wikipedia, the free encyclopedia
اَؤرَ. يا اَورَ (انگريزي: Placenta) جسم جو ھڪ عارضي عضوو ھوندو آھي جيڪو نَاڙَي (umbilical cord) ذريعي ٻچيداني (Uterus) سان ڳنڍيل ھوندو آھي ۽ بچي کي خوراڪ مھيا ڪندو آهي. ان کانسواءِ اؤر ٻَچَيداني ۾ ماء جي رت جي ذريعي گرمي جي درجي کي برقرار رکڻ، فالتو مادن جي نيڪال ۽ گيس جي تبديلي، انفيڪشن کي روڪڻ، ٻار جي واڌ ۾ مددگار ھارمون ٺاهڻ جا ڪم پڻ ڪندي آهي. اَؤرَ مَئمِل جاندارن سان گڏوگڏ مارسيوپئل (marsupial) ۽ غير مئمل جاندارن ۾ پڻ ملندي آهي.[1] اَؤرَ جا ٻہ حصا ھوندا آھن.[2] [3] اھا ڪيترن ئي مادَن جي نامياتي ڀڃگھڙ (metabolization) ڪندي آهي ۽ ڳورهاري گردشن ۾ نامياتي ڀڃگھڙ وارن مادَن جو نيڪال پڻ ڪندي آهي. ٻار ڄڻڻ وقت اَؤرَ کي جسم مان نيڪال ڪئي ويندي آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق اهو ھڪ پردو ۽ غدود آھي، جيڪو ويم کان پوءِ مادِي (عورت يا چوپائي) جي پيٽ مان نڪري ٿو. گهڻو ڪري چؤپاين کي ڦَرُ ڄڻڻ کان پوءِ پيٽ مان اَورَ نڪرندي آهي. عورت جي اَورَ دايُون ڪنهن غيرآباد زمين ۾ پوري ڇڏينديون آهن، انهيءَ ڪري ته جيئن ڪُتا، ٻلا يا ٻيا جانور اَورَ کائي نه سگهن، ڇوته اَورَ انساني جسم جو حصو هوندي آهي. سنڌ ۾ اهو تصور آهي ته جنهن ڌرتيءَ ۾ انسان جي اَورَ پوريل هوندي اها کيس اوس ڇڪيندي، اهو جنم ڀوميءَ سان اٽوٽ لاڳاپي جو اهڃاڻ آهي.[4] اَؤرَ لاءِ انگريزي لفظ پلَيسَنٽا (placenta) لاطيني ٻوليءَ مان ئڪتل لفظ آهي جيڪو ڪيڪ جي ھڪ قسم لاءِ استعمال ٿيندو آهي. اھو لفظ يوناني جي لفظ پليڪوس (plakóeis/plakoús) مان نڪتل آھي جنھن جي معنيَ آهي سَنئون سِڌو يا سِلَيب1 وانگر آھي. [5][6].
اَؤرَ | |
---|---|
![]() مادي جاندار جي اَؤرَ | |
![]() عورت جي اَؤرَ ٻار ڄمڻ وقت | |
تفصيل | |
پريڪرسر | decidua basalis, chorion frondosum |
سڃاڻپ ڪندڙ | |
لاطيني ٻولي | پِلَيسَنٽو (Placento) |
ايمبرہولاجي جا محاورا | سانچو:TerminologiaEmbryologica |
ائناٽامي جا محاورا |