From Wikipedia, the free encyclopedia
چابھار (فارسي: چابهار, بلوچي: چھبار, انگريزي: Chabahar) ايران جي سيستان ۽ بلوچستان صوبي جو شھر ۽ بندرگاھ آھي. ھي ايران جو سڀ کان آخري ڏاکڻيون شھر آھي ۽ سيستان ۽ بلوچستان صوبي جو آباديءَ جي لحاظ کان چوٿون وڏو شھر آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 106,739 آھي. ھي شھر پاڪستان جي شھر گوادرکان اٽڪل 170 ڪلوميٽر اولھ ۾ موجود آھي. شھر جا اڪثر رھواسي بلوچ آھن جيڪي بلوچي ٻولي ڳالھائين ٿا البت فارسي ٻولي پڻ ھتي ڳالھائي وڃي ٿي. ايراني سرڪار پاران ھن شھر ۽ بندرگاھ کي مفت واپاري ۽ صنعتي علائقو (Free Trade and Industrial Zone) قرار ڏنو ويو آھي. ھن بندرگاھ تي وڏن سامونڊي جھازن تي سامان چاڙھڻ ۽ لاھڻ جي سھولت موجود آھي انڪري ھي علائقي جو ھڪ اھم بندرگاھ ليکيو وڃي ٿو. ھتان نہ فقط ايران بلڪ افغانستان، ترڪمنستان، ازبڪستان، تاجڪستان، قرقيزستان ۽ قزاقستان ٻاھرين ملڪن سان پنھنجو واپار جاري رکن ٿا. بندرگاھ کان علاوھ چابھار ۾ ڪيترائي دل کي ڇھندڙ تاريخي ۽ قدرتي ماڳ موجود آھن جيڪي ھن شھر جي خوبصورتيءَ ۾ واڌارو آڻين ٿا.
Chahbahar چابهار | |
---|---|
شھر | |
Location within Iran | |
جاگرافي بيهڪ: 25°17′31″N 60°38′35″E | |
ملڪ | ايران |
صوبو | سيستان ۽ بلوچستان صوبو |
شھرستان | چابھار |
ضلعو | مرڪزي |
آبادي (2016 ع واري آدمشماري) | |
• ڪل | 106,739 [1] |
چابھار اصل ۾ بلوچي لفظ ”چھار بھار“ مان ورتل آھي جنھن جي معنيٰ آھي ”چار بھارون“. يعني ھي اھو علائقو آھي جتي سال جون چارئي موسمون بھار جي موسم وانگر آھن[2]،[3]. ھن شھر کي پراڻي زماني ۾ ”بھشتي بندر“ پڻ ڪوٺيو ويندو ھو.
اٽڪل 2500 ق.م ۾ ھاڻوڪي چابھار بندر کان سڏ پنڌ تي طيس (Tis) نالي مھاڻن جو ھڪ ڳوٺ آباد ھو. يوناني تاريخن ۾ انھيءَ ڳوٺ جو نالو طيز (Tiz) لکيو ويو آھي. فارسي ٻوليءَ جي مشھور ليکڪ افضل الدين ڪرمانيءَ 584ھ (1188ع) ۾ طيز کي ايران جو ھڪ بندرگاھ ۽ واپار جو مرڪز ڄاڻايو آھي. نامياري عالم ۽ تاريخ نويس البيروني لکيو آھي تہ (گڏيل) ھندستان جو سامونڊي ڪنارو طيز بندر کان شروع ٿئي ٿو[4]، ھي ھڪ چڱوخاصو وڏو بندرگاھ ھو جنھن کي منگولن حملو ڪري نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو. طيز بندر جا ڪجهه کنڊر اڄ بہ چابھار شھر جي ويجھو موجود آھن. پورچوگيز پھريان يورپي ھئا جن مڪران جي ساحل تي حملو ڪري چابھار ۽ طيز واري علائقي تي قنضو ڪيو. ھو 1621ع تائين ھتي قابض رھيا.
1970ع ۾ رضا شاھ پھلويءَ جي حڪم سان ھن شھر کي ميونسپالٽيءَ جو درجو ڏنو ويو ۽ ھن بندرگاھ کي ترقي وٺرائي وئي. ھندي وڏي سمنڊ ۾ ايران کي ھڪ وڏي طاقت بنائڻ لاءِ ھتي بحري ۽ ھوائي اڏا قائم ڪيا ويا. آمريڪا جي گڏيل رياستن ۽ ٻين ملڪن جي مدد سان ھن بندرگاھ کي ھڪ جديد بندرگاھ بنائڻ لاءِ ڪئين منصوبا شروع ڪيا ويا[5]. 1979ع واري اسلامي انقلاب کان پوءِ ٻاھرين ملڪن جون اڪثر ڪمپنيون ھن بندرگاھ جي ترقياتي رٿائن مان ھٿ ڪڍي ويون، جنھن ڪري مقامي ڪمپنين انھن رٿائن کي پورو ڪرڻ جو ڪم پنھنجي ھٿ ۾ کنيو. ايران ۽ عراق واري جنگ ھن بندرگاھ جي اھميت کي گھڻو وڌائي ڇڏيو. 1980ع واري ڏھاڪي دوران ايراني سرڪار ملڪ جي اوڀر۽ ڏکڻ وارن علائقن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ھن بندرگاھ تي موجود سھوليتن کي بھتر بنائڻ لاءِ اھم قدم کنيا. 1992ع ۾ چابھار کي مفت واپاري ۽ صنعتي علائقو قرار ڏنو ويو انڪري ھتي واپاري سرگرميون وڌي ويون[6].
چابھار تائين سولي رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ ايراني سرڪار ھوا، سمنڊ ۽ خشڪيءَ رستي سفري سھوليتون مھيا ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا آھن. ھتان جي ڪنارڪ ھوائي اڏي تان تھران، زاھدان، مشھد، شيراز ۽ بندرعباس تائين ھوائي سفر جي سھولت موجود آھي. ھن ھوائي اڏي تان دوھا، دبئي ۽ مسقط طرف بہ ھوائي جھاز اڏامون ڀرين ٿا. چابھار کان بندرعباس، ايرانشھر، ڪرمان، زاھدان، مشھد ۽ ٻين ايراني شھرن طرف روڊ رستي سفر ڪري سگھجي ٿو. ھتان افغانستان ۽ پاڪستان طرف روڊ وسيلي سفر ڪرڻ جي سھوليت بہ موجود آھي. چابھار کان زاھدان تائين ريل جي پٽڙي وڇائڻ جو ڪم 2020ع ۾ شروع ٿي چڪو آھي. ھيءَ ريلوي پٽڙي مارچ 2022ع تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آھي[7].
چابھار جي پسگردائيءَ ۾ ڪيترائي تاريخي ماڳ موجود آھن:
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.