چچ نامو
From Wikipedia, the free encyclopedia
چچ نامو يا فتح نامو سنڌ يا تاريخ الهند و السند (عربي ۾) سنڌ جي تاريخ بابت هڪ مشهور ڪتاب آهي[1]، هن ڪتاب ۾ چچ گھراڻي جي تاريخ، راء گھراڻي جو خاتمو ۽ اروڙ جي چچ جو تخت تي چڙهڻ، عربن جي محمد بن قاسم جي هٿان سنڌ جي 8 صدي ۾ فتح جو احوال لکيو ويو آهي. هن ڪتاب جو اصلي نالو ”فتح نامه سنڌ“ هو. اهو ڪتاب، جيڪو سنڌ جي عرب فاتح محمد بن قاسم جي ساٿين مان هڪ جي پوئين وٽ الور ۾ سانڍيل هو، سو نامعلوم سال ۾ لکيل هڪ عربي مخطوطي مان علي بن محمد ڪوفيءَ طرفان سنه 613ھ ۾ فارسيءَ ۾ ڪيل ترجمو هو. تفصيلن لاءِ بهتر آهي ته مرزا جي انگريزي ترجمي کي يو-ايم دائود پوٽي جي فارسيءَ ۾ لکيل جديد تنقيدي ڇاپي، ۽ مخدوم امير احمد ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سنڌي ترجمي سان جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنه 1954ع ۾ ڇاپيو ويو آهيو[2]
ترت ڄاڻ مصنف, اصل عنوان ...
مصنف | قاضي اسماعيلبن علي بن محمد طائي |
---|---|
اصل عنوان | فتحنامو |
مترجم | علي ڪوفي(عربي مان فارسي ۾ ) مرزا قليچ بيگ(فارسي مان سنڌي ۾) |
ملڪ | سنڌ, پاڪستان |
ٻولي | عربي،فارسي، سنڌي |
موضوع | سنڌ جي تاريخ قديم تاريخ |
صنف | تاريخ |
شايع ڪندڙ | نئين سنڌ لائبريري |
ڇاپي جي تاريخ |
1923 |
صفحا | ڪرائون سائيز ۾ 60 صفحا |
بند ڪريو