![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/8/8f/IRL_Dublin_flag.svg/langsd-640px-IRL_Dublin_flag.svg.png&w=640&q=50)
ڊبلن
From Wikipedia, the free encyclopedia
ڊَبلن(انگريزي: Dublin )[6] جھموريه آئرلينڊ جو گادي جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر آھي[7][8] جيڪو آئرلينڊ جي اوڀر واري اپسمنڊ جي ڪناري تي لفي ندي جي سمنڊ ۾ ڇوڙ تي لَينسٽر صوبي ۾ واقع آهي. ان جي ڏکڻ ۾ وِڪلو جبلن جي قطار جو ڊبلن جبل واقع آهي. ان جي شھري علائقي جي آبادي 1,173,179 آھي,[5] جڏھن تہ ڊبلن ريجن جي آبادي 2016 ۾ 1,347,359 ھئي.[9] گريٽر ڊبلن ايريا جي آبادي 2016 جي مردم شماري مطابق 1,904,806 ھئي[10]. ڊبلن شھر آرڪيالاجي ماھرن جي ھڪ خيال مطابق گيئل ماڻھن ستين صدي عيسويءَ ۾ آباد ڪيو ھو[11] نارمن جي حملي بعد ھڪ مکيه آبادي بڻجي ويو[11] شھر تيزي سان وڌندو ويو 1800ع جي يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي ٺھڻ کان اڳ جي شھر برٽش ايمپائر جو ٻيون نمبر وڏو شهر هو. 1922ع ۾ آئرلينڊ جي ورھاست بعد ھي شھر آئرش فري اسٽيٽ جو گاديءَ جو هنڌ ٿيو جيڪا رياست پوء جمھوريه آئرلينڊ ٿي وئي ۽ ڊبلن ان جو گاديءَ جو هنڌ رھيو. ھن شھر کي الفا شھر جو درجو مليل آهي ۽ اھو دنيا جي 30 سڀ کان وڌيڪ بھترين شھرن مان ھڪ آھي[12]
ڊبلن | |||
---|---|---|---|
گاديءَ جو هنڌ | |||
| |||
عرفيت: خوبصورت شھر | |||
نعرو: " شھري فرمانبرداري خوشين واري شھر کي جنم ڏئي ٿي"[1][2] | |||
آئرلينڊ منجھ مقام##يورپ منجھ مقام | |||
جاگرافي بيهڪ: 53°21′N 6°16′W | |||
ملڪ | ريپبلڪ آف آئرلينڊ | ||
صوبو | لينسٽر | ||
حڪومت | |||
• قسم | شھري ڪائونسل | ||
• صدر مقام | ڊبلن وارو شھري ھال | ||
• لارڊ ميئر | ھئزل چو (GP) | ||
• پارليامينٽ جو ھيٺيون ايوان: دائل ائيرن | ڊبلن سينٽرل
ڊبلن بي نارٿ ڊبلن نارٿ ويسٽ ڊبلن سائوٿ سينٽرل ڊبلن بي سائوٿ | ||
• يورپي پارليامينٽ | ڊبلن وارو تڪ | ||
پکيڙ[3][4] | |||
• گاديءَ جو هنڌ | 115 ڪ.م2 (44 ميل2) | ||
• شھري | 318 ڪ.م2 (123 ميل2) | ||
آبادي (2016) | |||
• گاديءَ جو هنڌ | 554,554[5] |