ڪابل
From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪابل (انگريزي: Kabul) افغانستان جي گاديءَ جو ھنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر آھي. ھي افغانستان جي ڪابل صوبي ۾ آباد آھي ۽ 2021ع وارن انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 4.6 ملين آھي[1]. ھن شھر کي افغانستان جو سياسي، ٿقافتي ۽ معاشي مرڪز چئجي تہ غلط نہ ٿيندو[2]. ھي شھر سامونڊي مٿاڇري کان 1790 ميٽر (5873 فوٽ) اوچائيءَ تي ھندوڪش جبلن ۽ ڪابل نديءَ جي وچواري ماٿريءَ ۾ وسيل آھي. تاريخي طور ھي شھر 3500 سالن کان بہ وڌيڪ پراڻو آھي ۽ اھخامشي سلطنت جو حصو رھيو. جيڪڏھن ويٽنام جي شھر ھنوئي کان ترڪيءَ جي شھر استنبول تائين سفر ڪجي تہ ھي شھر بلڪل وچ تي ايندو. جڳ مشھور ريشم شاھراھ ھن شھر وٽان گذري ٿي. اھا شاھراھ ڏکڻ ايشيا کي مرڪزي ايشيا سان ملائي ٿي. صدين کان ھيءَ شاھراھ سنڌو ماٿريءَ کان وٺي افغانستان، ايران ۽ وچ ايشيا جي رياستن وچ ۾ واپاري لاڳاپن جو اھم ذريعو رھي آھي[3]. ھن شھر تي مختلف گھراڻن جي بادشاھن حڪومت ڪئي. سورھين صدي عيسويءَ ۾ ھي اونھاري جي موسم ۾ مغل سلطنت جي گاديءُ جو ھنڌ رھيو[4]. جڏھن ايران جي بادشاھ نادر شاھ ھندستان تي ڪاھ ڪئي تہ ڪابل بہ سندس سلطنت جو حصو بنجي ويو. 1747ع ۾ ھتي دراني گھراڻي جي بادشاھت قائم ٿي. 1776ع ۾ تيمور شاھ درانيءَ ھن شھر کي افغانستان جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو. اوڻويھين صديءَ ۾ ھي شھر انگريزن جي ھٿ ھيٺ آيو پر ٿوري ئي عرصي ۾ انگريزن کي ھي شھر ڇڏڻو پيو.
ڪابل کابل | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
Metropolis and municipality | |||||||
گھڙيال جي سوئيءَ واري رخ ۾ مٿان کاٻي پاسي کان: ڪابل ندي، عبدالرحمان خان جو مقبرو، پسمنظر ۾ باغ بالا محل، ڪابل شھر، سخيءَ جي مزار | |||||||
عرفيت: وچ ايشيا جو پئرس | |||||||
جاگرافي بيهڪ: 34°31′31″N 69°10′42″E | |||||||
ملڪ | افغانستان | ||||||
صوبو | ڪابل صوبو | ||||||
ضلعن جو تعداد | 22 | ||||||
گاديءَ جو ھنڌ بنيو | 1776 | ||||||
حڪومت | |||||||
• قسم | ميونسپالٽي | ||||||
• ميئر | حمداللّٰہ نعماني | ||||||
• ڊپٽي ميئر | مولوي عبدالرشيد | ||||||
پکيڙ | |||||||
• ڪل | 1,028.24 ڪ.م2 (397.01 ميل2) | ||||||
• زميني | 1,028.24 ڪ.م2 (397.01 ميل2) | ||||||
• آبي | 0 ڪ.م2 (0 ميل2) | ||||||
بلندي | 1,791 ميل (5,876 ft) | ||||||
آبادي (2021) | |||||||
• ڪل | 4,601,789 |
ڪابل پنھنجي تاريخي باغن، بازارن ۽ عظيم الشان عمارتن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. ھن شھر کي ”وچ ايشيا جو پئرس“ سڏيو وڃي ٿو[5]. ڪابل جي قسمت جو ستارو 1979ع کان گردش ۾ آھي. 1979ع ۾ سوويت يونين جي فوجي بوٽن ھن شھر جي امن ۽ سونھن کي داغدار بنائي ڇڏيو. 1990ع ۾ مختلف قبيلن جي پاڻ ۾ لڙاين ھن شھر کي تباھيءَ جي ڪناري تي پھچائي ڇڏيو. 2001ع ۾ آمريڪا ۽ انھن جون اتحادي فوجون ھتي ڪاھي آيون. 2021ع کان ھتي طالبان حڪومت ڪري رھيا آھن.