سماجي سائنسدان From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪارل مارڪس (5 مئي 1818ع – 14 مارڇ 1883ع) فلاسافر، معشيت دان، سماجياتدان، صحافي ۽ انقلابي سوشلسٽ هو. هو پروشيا (Prussia) جي وچولي طبقي جي خاندان ۾ پيدا ٿيو، اڳتي هلي، هن سياسي معاشيات ۽ هيگيلين فلاسافي ۾ تعليم پرائي. وڏو ٿيڻ کانپوءِ مارڪس کي بي وطن (اسٽيٽ ليس) ٿيڻو پئجي ويو ۽ پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو هن لنڊن، انگلينڊ ۾ گذاريو، جتي جرمن مفڪر، فريڊرڪ انگلز جي ساٿ سان، پنهنجي ڪيل مختلف ڪمن کي ڇپرايو، انهن مان، 1848ع ۾ پڌرو ڪيل ڪميونسٽ پڌرنامي (ڪميونسٽ مينيفيسٽو) تمام گهڻي مشهوي ماڻي. تڏهن کان سندس ڪم، فڪري، اقتصادي ۽ سياسي تاريخ تي وڏا اَثر وڌا آهن.
ڪارل مارڪس | |
---|---|
پيدائش | پروشيا، جرمني |
وفات | لنڊن، انگلينڊ، يونائيٽيڊ ڪنگڊم |
رھائش | جرمني، فرانس، بيلجيئم، يونائيٽيڊ ڪنگڊم |
قوميت | جرمن (اسٽيٽ ليس) |
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |
سانچو:ابتدائی ترتیب:مارڪس
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.