پدوچيري جي ليفٽينينٽ گورنر ۽ ڀارت جي پهرئين ناري پوليس آفيسرياڻي From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪرن بيدي اڳوڻي انڊين پوليس آفيسر، سماجي ڪارڪن، اڳوڻي ٽينس رانديگر ۽ سياستدان آهي. هيءَ پونڊيچري جي ليفٽينينٽ گورنر آهي ۽ ڀارت جي پهرئين ناري آءِ پي ايس آفيسر پڻ آهي. هن پنهنجي ڪيريئر سال 1975 کان شروع ڪيو ۽ 35 سال تائين انڊين پوليس سروس سان لاڳاپيل خدمتون ڏيندي رهي. هيءَ سال 2007 ۾ سروس تان پاڻمرادو استيفا ڏئي آئي، جڏهن تہ ان وقت سندس عهدو ڊائريڪٽر جنرل آف پوليس، بيوريو آف پوليس ريسرچ اينڊ ڊيولپمنٽ وارو عهدو رکندي هئي.[3]
ڪرن بيدي Kiran Bedi | |
---|---|
سال 2017 ۾ ڪرن بيدي | |
24th Lieutenant Governor of Puducherry | |
دفتر سنڀاليو 29 May 2016[1] | |
چيف منسٽر | وي نارائناسوامي |
پيشرو | اي ڪي سنگھ |
Officer, انڊين پوليس سروس | |
عهدو سنڀاليو 1972–2007 | |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش | ڪرن پيشاورئيا Kiran Peshawariya جون 1949 (عمر 75 سال) امرتسر, اوڀر پنجاب, انڊيا |
سياسي جماعت | ڀارتيا جنتا پارٽي |
جيون ساٿي | Brij Bedi (ش. 1972; dead 2016)[2] |
ٻار ٻچا | سائنا (جنم سوڪريتي), ڌيءُ |
ماءُپيءُ | پرڪاش لال ۽ پريم لتا |
رهائش | پودوچري |
مادر علمي | پنجاب يونيورسٽي (B.A.) دهلي يونيورسٽي (M.A., LL.B.) آءِ آءِ ٽي دهلي (Ph.D.) |
ڪرت | سياستدان, سوشل ايڪٽوسٽ, رٽائرڊ پوليس آفيسر |
اعزاز | يونائيٽيڊ نيشنز ميڊل, 2004 Ramon Magsaysay award, 1994 صدر جي پوليس ميڊل, 1979 |
ڪرن بيدي جو جنم امرتسر ۾ 9 جون 1949 تي هڪ پنجابي ڪٽنب ۾ ٿيو هيو . ڪرن پرڪاش لال پيشواريا ۽ پريم لتا جي ٻئين اولاد هئي. شاشي، ريتا ۽ انو، ڪرن جون ٽي ڀينر آهن.[4] سندس ابا ڏاڏا لالا هرگوبند پيشاور کان امرتسر اچي ويا هيا ۽ اتي ئي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيائون. بيدي جي تربيت گهڻي ريت مذهبي نہ هئي پر سندس تربيت هندو ۽ سک روايتن جي وچ۾ ٿي. پرڪاش لال پنهنجي خانداني ڪاروبار کي وڌيڪ ترقي ڏني ۽ ٽينس کيڏيو. بيدي جي شروعاتي تعليم سيڪرڊ هارٽ ڪنوينشن اسڪول امرتسر منجهان سال 1954 ۾ شروع ٿي هئي. اين سي سي سان لاڳاپيل ڪمن ۾ بيدي ڀاڱو وٺندي رهندي هئي. جڏهن بيدي نائين ڪلاس ۾ هئي تہ ڪيمبرج ڪاليج، جيڪو هڪ پرائيويٽ ادارو هيوم ان ۾ سائنس ۾ ڏهين درجي جو امتحان پاس ڪيو، جڏهن تہ سندس ٻين هم ڪلاسي ساٿي سيڪرڊ ڪنوينشن اسڪول منجهان نائين ڪلاس جو امتحان پاس ڪيو.[5] بيدي سال 1968 ۾ گورنمنٽ ڪاليج آف وومن، امرتسر منجهان انگريزي ۾ بي اي تعليم حاصل ڪئي ۽ انهيءَ سال اين سي سي ڪيڊٽ آفيسر جو اعزاز ماڻيائين. بيدي پوليٽيڪل سائنس ۾ پنجاب يونيورسٽي منجهان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي.[6]سال 1970 کان 1972 ۾ بيدي خالصا ڪاليج فار وومن امرتسر ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان پڙهائيڻ شروع ڪي. انڊين پوليس سروس ۾ پنهنجي دوران بيدي دهلي يونيورسٽي منجهان قانون ۾ هڪ ڊگري حاصل ڪئي ۽ آءِ آءِ ٽي دهلي منجهان سال 1993 ۾ سماجي سائنسز ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.[4]
بيدي پنهنجي پيءُ کان ڏاڍو متاثر ٿي ۽ 11 سال جي عمر ۾ ٽينس راند کيڏڻ شروع ڪيائين.[7]سال 1964 ۾ بيديءَ امرتسر کان ٻاهر پهريون ٽورنامينٽ کيڏيو.[8] سال 1965 کان 1978 تائين بيدي ڪيتريون ئي ٽينس چيمپيئنشپ کٽيون، انهن مجهان ڪجهہ ذڪر لائق هيٺين ريت آهن:
عنوان | سال | جڳهہ | حوالو/نوٽ |
---|---|---|---|
جونيئر نيشنل لائون چيمپينشپ | 1966 | امرتسر | [8] |
ڪُل هند انٽر ورسٽي ٽينس ٽائٽل | 1968 | وشاڪا پٽنم | پنهنجي ننڍي ڀيڻ ريتا سان گڏ.[9] هن اها چيمپينشپ لاڳاتار ٽِي سال کٽي هئي.[10] |
اتر انڊيا لائون ٽينس چيمپينشپ | 1970 | چندي ڳڙھ | [11] |
ايشين لائون ٽينس چيمپين شپ | 1972 | پونا | [11] |
آل انڊيا هارڊ ڪورٽ ٽيینس چيمپين شپ | 1974 | [8] | |
آل انڊيا انٽر اسٽيٽ وومينز لائون ٽينس چيمپينشپ | 1975 | نئي دهلي | [12] |
نيشنل وومينز لائون ٽينس چيمپين شپ | 1976 | چندي ڳڙھ | [13] |
گولڊ ميڊل، عورتن جي لاءِ نيشنل اسپورٽس فيسٽيول | 1976 | نئي دهلي | پنهنجي ڀيڻ انو سان گڏ[10] |
16 جولاءِ 1972 تي بيديءَ پنهنجي پوليس ٽريننگ نيشنل اڪيڊمي فار ايڊمنسٽريشن، مسوري اتراکنڊ ۾ شروع ڪئي. هي 80 مردن جي ڪلاس ۾ هڪ ئي اڪيلي عورت هئي، ۽ انهيءَ ريت ڀارت جي پهرئين ناري آءِ پي ايس آفيسر بڻجي وئي. 6 مهينن جي بنيادي ٽريننگ وٺڻ کانپوءِ بيديءَ پوليس ٽريننگ جي ارادي سان مائونٽ ابو راجستان وئي ۽ انکانپوءِ سال 1974 ۾ پنجاب ڀرسان ٽريننگ جي لاءِ وئي. ڪُڻن وسيلي بيدي کي يونين ٽيريٽري ڪيڊر ۾ رکيو ويو، جنهن جو هاڻي نالو اي۔جو۔ايم۔يو۔ٽي ڪيڊر يعني اروناچل پرديش، گوا، ميزورام، يونين ٽيريٽريز ڪيڊر آهي.[14]
سال 2012 ۾ ڪرن بيدي آءِ اي سي کان الڳ ٿي وئي، جڏهن ان سان لاڳاپيل ڪجهه ماڻهن اروند ڪيجريوال جي سرواڻيءَ ۾ عام آدمي پارٽي جو بڻياد وڌو هيو.[15] بيدي عام انداز ۾ نريندر مودي جي حمائيت ڪئي. جڏهن مودي سال 2014 ۾ ڀارت جو وزيراعظم بڻيو، تہ بيدي ان ڳالهہ جو اعلان ڪري ڇڏيو تہ ، جيڪڏهن کيس اڳيان اهڙي ڪا آڇ ڪئي وڃي ٿي تہ هوءَ بي جي پي سان دهلي جي وزيراعليٰ بنجڻ جي لاءِ تيار آهي.[16] بيدي 2015 ۾ بي جي پي ۾ شامل ٿي وئي ۽ سال 2015 دهلي چونڊن ۾ بي جي پي تان وزيراعظم سيٽ جي لاءِ وڙهي، جنهن ۾ اروند ڪيجريوال کٽي ويو.[17] بيدي عام آدمي پارٽي جي چونڊيل اميدوار ايس۔ڪي بگا کان ڪرشنا نگر ۾ 2277 ووٽن تان هارجي وئي، ۽ هڪ سال کانپوءِ دهلي ۾ عام آدمي پارٽي جي باضابطا اڪثريت سرڪار بڻجي وئي.[18] 22 مئي 2016 تي بيدي پدوچيري جي ليفٽينينٽ گورنر مقرر ٿي.[19]
ڪرن بيدي جا ڪجهه ذڪر لائق ڪتابَ:[20]
سال | اعزاز | ايوارڊ ڏيندڙ | سبب | حوالو |
---|---|---|---|---|
1968 | ڪيڊٽ آفيسر اعزاز | National Cadet Corps | Performance as an NCC cadet | [10] |
1979 | بهادري جي لاءِ ڀارت جي صدر جو پوليس ميڊل | صدر ڀارت | Conspicuous courage in preventing violence during Akali-Nirankari clashes | [21] |
1991 | ايشيا ريجين اعزاز | International Organization of Good Templars, ناروي | Drug prevention and control | [22] |
1994 | رامن ميگ سيسي ايوارڊ | رامن ميگ سيسي انعام فائونڊيشن | گورنمنٽ سروس | [10] |
1995 | Fr Maschio Humanitarian Award | Fr Maschio Platinum Jubilee Celebration Committee, Don Bosco Matunga | Social reforms and community services | [23] |
1995 | لائن آف دي ايئر | لائنز ڪلب انٽرنيشنل, ڪي ڪي نگر | ڪميونٽي سروس | [23] |
1997 | Joseph Beuys Prize | Joseph Beuys Foundation, جرمني | Holistic and Innovative Management (Prison reform) | |
1999 | پرائڊ آف انڊيا | American Federation of Muslims of Indian Origin (AFMI) | Commitment towards human welfare | [23] |
1999–2000 | آءِ آءِ ٽي دهلي فضيلت اعزاز | Indian Institute of Technology – Delhi Alumni Association | Outstanding Contribution to National Development | [24] |
2001 | Morrison Tom Gitchoff Award | Western Society of Criminology, United States | Actions that have significantly improved the quality of justice in India | [25] |
2004 | يونائيٽيڊ نيشنز ميڊل | گڏيل قومون | Outstanding service | [26] |
2005 | مدر ٽيريسا نيشنل اعزاز | آل انڊيا عيسائي ڪائونسل | Reforms in prison and penal systems | [23] |
2006 | سموري ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ محترم ناري | دي ويڪ (The Week) | [23] | |
2008 | ايف۔آءِ۔سي۔سي۔آءِ اعزاز | FICCI ليڊيز آرگنائيزيشن | Being an outstanding woman achiever | [27] |
2008 | ڪمر اپا ريڪليس اعزاز | Indian Society of Criminology | Outstanding contribution in the areas of criminal justice administration | [28] |
2013 | نومورا اعزاز | Nomura Group | Humanitarian work | [29] |
2014 | لوريل پيرس فيمينا ناري اعزاز | L'Oréal and Femina | Social impact | [30] |
سانچو:Ref begin
سانچو:Ref end
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.