ڪرڪيٽ عالمي ڪپ 2019ع
12هون عالمي ڪرڪيٽ ڪپ / From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪرڪيٽ عالمي ڪپ 2019ع (باضابطہ طور تي آءِ سي سي ڪرڪيٽ عالمي ڪپ، 2019ء)، ڪرڪيٽ عالمي ڪپ جو 12ھون ايڊيشن هيو[2][3]، جيڪو 30 مئي کان 14 جولاءِ، 2019ع تائين برطانيا ۽ ويلز ۾ منعقد ٿيو.[4]
هي وڪيپيڊيا جو روان سڌارو لاءِ مضمون آهي – ۽ توهان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگهو ٿا ان کي سنواريو! توهان ان کي ڪيئن بهترڪري سگهو ٿا، ان بابت انهيءَ جي بحث صفحو تي بحث ڪريو ۽ مدد ڊيسڪ يا چانهہ گهر تي سوال پُڇو. |
ڪرڪيٽ عالمي ڪپ 2019ء | |
---|---|
ڪرڪيٽ عالمي ڪپ 2019ع جو باضابطہ لوگو | |
تاريخ | 30 مئي – 14 جولاءِ 2019ء |
منتظم | بين الاقوامي ڪرڪيٽ ڪائونسل |
ڪرڪيٽ | هڪ ڏهاڙو بين الاقوامي |
ٽورنامينٽ | رائونڊ روبن ۽ ناڪ آئوٽ |
ميزبان | انگلستان ويلز |
فاتح | انگلستان[1] (1st بار) |
شريڪ ملڪ | 10 |
مقابلن جي تعداد | 48 |
بھترين کلاڙي | ڪين وليمسن |
گھڻيون رنسون | روهت شرما (648) |
گھڻيون وڪيٽون | مچل اسٽارڪ (27) |
← 2015ء 2023ء → |
ھن عالمي جي ميزبانيءَ جا حَقَ اپريل 2006ء ۾ برطانيہ کي ڏنا ويا، جڏھن برطانيا پاران ڪرڪيٽ عالمي ڪپ 2015 جي ميزباني ڪرڻ کان معذرت ڪئي، جيڪا پوءِ آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ ۾ منعقد ٿيو. ھن عالمي ڪپجو پھريون ميچ اوول جڏھن تہ فائنل ميچ لارڊز ۾ کيڏيو ويندو. 1975ء، 1979ء، 1983ء ۽ 1999ء کانپوءِ پنجون ڀيرو برطانيہ ۽ ويلز ۾ ھي ڪرڪيٽ عالمي ڪپ منعقد ٿيو. ٽورنامينٽ جو فارميٽ ھن ريت آھي تہ، 10 ٽيمن کي 1 گروپ ۾ وِرھايو ويو آھي، ھر ٽيم باقي 9 ٽيمن سان 1، 1 ميچ کيڏندي. گروپ جون پھريون چار درجي جون ٽيمون سيمي فائنل جي لاءِ ڪُواليفاءِ ڪنديون، سيمي فائنل کٽندڙ ٽيمون فائنل کيڏنديون. ھي پھريون عالمي ڪپ آھي جنھن ۾ سڀ ٽيسٽ کيڏندڙ ٽيمون موجود ناھين.[5]