گني بسائو
From Wikipedia, the free encyclopedia
گني بسائو(انگريزي: Guinea-Bissau ) اولھ آفريڪا جي گني ريجن ۾ واقع ھڪ ملڪ آھي جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف گني بسائو آھي. ملڪ جي پکيڙ 36125 چورس ڪلوميٽر آهي. ان جون سرحدون اتر ۾ سينيگال سان، ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ گني سان ملن ٿيون. ھي ملڪ ڪنھن وقت ڪابو جي بادشاھت ۽ مالي جي سلطنت جو حصو ھيو. بعد ۾ ان تي پورچوگال قبضو ڪري ڪالوني بڻائي ڇڏيو جنھن کان 1973ع ۾ آزادي حاصل ڪيائين جنھن کي پورچوگال 1974 ۾ تسليم ڪيو. ملڪ جو گادي جو ھنڌ بسائو آھي. گني ملڪ جھڙو ساڳيو نالو ھجڻ ڪري مونجھاري کان بچڻ لاء ھن ملڪ جي نالي ۾ بسائو نالو پڻ شامل ڪيو ويو[5] ملڪ جي نئين صدر جو نالو عمرو سسوڪو ايمبالو جيڪو 29 ڊسمبر 2019 جي اليڪشن ۾ چونڊجي آيو. ملڪ جي سرڪاري ٻولي پورچوگيزي ٻولي آھي جيڪا ملڪ جي 2 سيڪڙو ماڻھن جي ٻولي آھي.
ترت ڄاڻ ريپبلڪ آف گني بسائو, گادي جو هنڌ ...
ريپبلڪ آف گني بسائو | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"اتحاد، جدوجھد، ترقي" | |||||
ترانو: Esta é a Nossa Pátria Bem Amada (پورچوگيزي) ھي اسان جو پيارو وطن | |||||
گادي جو هنڌ | بسائو 11°52′N 15°36′W | ||||
سڀ کان وڏو شهر | بسائو | ||||
دفتري ٻوليون | پورچوگیزي | ||||
ڳالھائيندڙ ٻوليون | |||||
نسلي گروھ |
| ||||
مذهب | |||||
مقامي آبادي | بسائو گنيئن [2] | ||||
حڪومت | وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ | ||||
• صدر |
عمرو سسوڪو ايمبالو | ||||
• وزيراعظم |
نونو گومز نبيئم | ||||
مقننه | پيپلز اسيمبلي | ||||
آزادي پورچوگال کان | |||||
• آزادي جو اعلان |
24 سيپٽمبر 1973 | ||||
• تسليم ڪيو ويو |
10 سيپٽمبر 1974 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
36٬125 km2 (13٬948 sq mi) (134th) | ||||
• پاڻي (%) |
22.4 | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
1,815,698[3] (148th) | ||||
• گھاٽائي |
46.9 /km2 (121.5 /sq mi) (154th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$3.391 ارب ڊالر [4] | ||||
• في سيڪڙو |
$1,951[4] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$1.480 ارب ڊالر [4] |
بند ڪريو