ھرات
From Wikipedia, the free encyclopedia
ھرات (پشتو/دري: هرات، انگريزي: Herat) اولھہ افغانستان جو ھڪ نخلستاني شھر ۽ ھرات صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ آھي[4]. ھي افغانستان جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون وڏو شھر آھي. 2020ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 574،276 آھي. ھي شھر افغانستان جي اولاھين حصي ۾ هریرود نديءَ (The Hari River) جي زرخيز ماٿريءَ ۾ اڇن جبلن ( Paropamisus Mountains) جي قطار جي ڏکڻ ۾ آباد آھي. صدين کان وٺي ھي شھر شاھراھ ريشم وسيلي وچ اوڀر، وچ ۽ ڏکڻ ايشيا سان ڳنڍيل رھيو آھي[5]. تاريخي طور تي ھي شھر ايران ۽ فارسي ٻوليءَ جي اثر ھيٺ رھيو آھي ان ڪري ھن کي ”افغانستان جو ننڍڙو ايران“ ڪوٺيو وڃي ٿو[6].
ھرات هرات | |
---|---|
شھر | |
مٿان کان: ھرات جي جامع مسجد، خواجہ عبداللّٰہ جو روضو، ميراوعظ صادق جو مقبرو، گوھر شاد جو يادگار | |
عرفيت: 'خراسان جو موتي[1] | |
جاگرافي بيهڪ: 34°20′31″N 62°12′11″E | |
ملڪ | افغانستان |
صوبو | ھرات |
پکيڙ | |
• ڪل | 182 ڪ.م2 (70 ميل2) |
[2] | |
بلندي | 920 ميل (3,020 ft) |
آبادي | |
• ڪاٿو
2021 |
592,902[3] |
ھي شھر اَوِستان (Avestan) دور ۾ قائم ٿيو. وچئين دور ۾ ھي خراسان جي اھم شھرن مان ھڪ ھو ۽ ھن کي ”خراسان جو موتي“ سڏيو ويندو ھو[7]. تيمورلنگ جي دور ۾ ھي شھر علم ۽ ادب جو وڏو گھوارو بنجي ويو. ھن شھر جو شان ۽ شوڪت تيمور لنگ جي پونئر شاھ رخ جي دور ۾ بہ قائم رھيو. تيموري گھراڻي جي بادشاھت ختم ٿيڻ بعد ارڙھين صديءَ ۾ ھي شھر مختلف افغان بادشاھن جي ھٿ ھيٺ رھيو[8]. 1716ع ۾ ھتان جي ماڻھن بغاوت ڪري پنھنجي سلطنت قائم ڪئي جنھن کي ھرات جي سدوزایی سلطنت جو نالو ڏنو ويو. 1732ع ۾ ھي شھر ايران جي افشاريان گھراڻي جي بادشاھت جو حصو بنجي ويو. انھيءَ گھراڻي جي بادشاھ نادر شاھ جي وفات کان پوءِ 1747ع ۾ احمد شاھ درانيءَ ھن شھر کي افغانستان جو حصو بنايو. اوڻويھين صديءَ جي پھرئين اڌ ۾ ھي شھر ھڪ آزاد شھري رياست طور پنھنجو وجود برقرار رکندو آيو ۽ ڪيترائي ڀيرا ايراني حڪمرانن جي حملن جو شڪار ٿيو. 1868ع ۾ ھي شھر ٻيھر افغانستان جو حصو بنجي ويو. 2021ع ۾ ھن شھر کي يونيسڪو جو ثقافتي ورثو قرار ڏنو ويو[9]. 12 آگسٽ 2021ع کان ھي شھر طالبان حڪومت جو حصو آھي[10].