بينن
From Wikipedia, the free encyclopedia
Remove ads

بينن (انگريزي: Benin)، سرڪاري طور تي ريپبلڪ آف بنين (فرانسيسي:République du Bénin) ۽ داهومي (Dahomey) [6] جي نالي سان پڻ سڃاتل آھي، اولهه آفريڪا ۾ واقع هڪ ملڪ آهي۔ هن ملڪ جي اولھ ۾ ٽوگو، اوڀر ۾ نائيجيريا، اتر۔اولهه ۾ برڪينا فاسو ۽ اتر۔اوڀر ۾ نائجر آهن. ڏکڻ ۾ هن جي ننڍڙي ساحلي لائين خليج بينن سان لڳي ٿي. ان جي آبادي جي اڪثريت بائٽ آف بينن (Bight of Benin) جي ڏاکڻي سامونڊي ڪناري تي رهي ٿي، گني جي نار جو حصو ائٽلانٽڪ سمنڊ جي اُتر واري تري واري حصي ۾ آهي. [7] گاديءَ جو هنڌ پورٽو نووو (Porto-Novo) آهي ۽ حڪومت جي سيٽ ڪوٽونو (Cotonou) ۾ آهي، جيڪو سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر ۽ اقتصادي راڄڌاني آهي. بينن 1,14،763 چورس ڪلوميٽر (44،310 چورس ميل) جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ 2016ع ۾ ان جي آبادي لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ نو لک هئي.[8] .
اهو هڪ ننڍڙو، اڀرندڙ ، تمام گهٽ ترقي يافته ملڪ آهي، جنهن جي معيشت گهڻو ڪري زراعت تي منحصر آهي ۽ پام آئل ۽ ڪپهه جو برآمد ڪندڙ آهي. ڪجھ روزگار ۽ آمدني زراعت مان پيدا ٿئي ٿي.[9] 17هين کان 19ھین صدي تائين، علائقي جي سياسي ادارن ۾ داهومي جي سلطنت، پورٽو نووو جي شهری رياست ۽ اتر ڏانهن ٻيون رياستون شامل آهن. هن علائقي کي 17ھین صدي جي شروعات کان اولهه آفريڪا جي غلامن جي واپار جي ساحل طور حوالو ڏنو ويو ڇاڪاڻ ته انهن ماڻهن جو وڏو تعداد جيڪو ائٽلانٽڪ غلامن جي واپار دوران نئين دنيا ڏانهن وڪرو ۽ اسمگل ڪيو ويو. سال 1894ع ۾ فرانس ان علائقي تي قبضو ڪري ورتو، ان کي فرينچ ويسٽ آفريڪا ۾ فرينچ ڊاهومي جي نالي سان شامل ڪيو ويو. سال 1960ع ۾، داهومي فرانس کان مڪمل آزادي حاصل ڪئي. هڪ خود مختيار رياست جي حيثيت ۾، بينن ۾ جمهوري حڪومتون، فوجي بغاوتون ۽ فوجي حڪومتون هيون. سال 1975ع کان 1990ع جي وچ ۾ هڪ خود بيان ڪيل مارڪسسٽ۔ليننسٽ رياست پيپلز ريپبلڪ آف بينن جي نالي سان وجود ۾ آئي. سال 1991ع ۾ ان جي جاءِ تي بينن جي ملٽي پارٽي ريپبلڪ قائم ڪئي وئي.[10]
بينن جي سرڪاري ٻولي فرينچ آهي، جنهن ۾ مقامي ٻوليون جهڙوڪ فون، باريبا، يوروبا ۽ ڊندي پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون. بينن ۾ سڀ کان وڏو مذهبي گروهه عيسائيت (52.2 سيڪڙو) آهي، جنهن جي بعد اسلام (24.6 سيڪڙو) ۽ افريقي روايتي مذهب (17.9 سيڪڙو) آهي.[11]
بينن گڏيل قومن، آفريقي يونين، اولهه آفريقي رياستن جي اقتصادي ڪميونٽي (ECOWAS)، اسلامي تعاون جي تنظيم (OIC)، ڏکڻ ائٽلانٽڪ امن ۽ تعاون جو علائقو، فرانڪوفوني (Francophonie)، ساحل۔صحارن رياستن جي ڪميونٽي، افريقي پيٽروليم پروڊيوسرز ايسوسي ائيشن ۽ نائجر بيسن اٿارٽي جو ميمبر آهي.
Remove ads
پڻ ڏسو
تصويرون
حوالا
ٻاهريان ڳنڍڻا
Wikiwand - on
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Remove ads