سمنڊ From Wikipedia, the free encyclopedia
ايٽلانٽڪ سمنڊ يا ايٽلانٽڪ وڏو سمنڊ (انگريزي: Atlantic Ocean) (اردو: بحر اوقیانوس ) دنيا جو ٻيون نمبر وڏو سمنڊ آھي جنھن جي پکيڙ 10,64,60,000 چورس ڪلوميٽر آهي.[1][2] ھي سمند زمين جي 20 سيڪڙو سطح مٿان واقع آهي ۽ ڌرتي جي پاڻي جو 29 سيڪڙو ھن سمنڊ ۾ آھي. ھي سمنڊ پراڻي دنيا کي نئين دنيا کان ڌار ڪري ٿو. نقشي ۾ ھي سمند انگريزي اکر S جي صورت ۾ نظر ايندو آهي جنھن جي ھڪ طرف يورپ ۽ آفريڪا جا کنڊ آھن ۽ ٻئي طرف اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جا کنڊ آھن. ان جي ڏکڻ ۾ اينٽارڪٽيڪا واقع آهي.
ايٽلانٽڪ سمنڊ ايٽلانٽڪ وڏو سمنڊ | |
---|---|
سامونڊي طاس | ائٽلانٽڪ سمنڊ سان لڳندڙ ملڪ ۽ بندرگاھون |
سطحي پکيڙ | 106٬460٬000 km2 (41٬100٬000 sq mi)[1][2] اتر ائٽلانٽڪ: 41٬490٬000 km2 (16٬020٬000 sq mi), ڏکڻ ائٽلانٽڪ:40٬270٬000 km2 (15٬550٬000 sq mi)[3] |
سراسري اونھائي | 3٬646 m (11٬962 ft)[3] |
وڌ کان وڌ اونھائي | 8٬486 m (27٬841 ft)[3] |
پاڻي جو حجم | 310٬410٬900 km3 (74٬471٬500 cu mi)[3] |
ڪناري جي ڊيگھ 1 | 111٬866 km (69٬510 mi) ننڍن سمنڊن سميت [4] |
ٻيٽ | ٻيٽ |
کاھيون | پورٽو ريڪو ; سائوٿ سينڊ وچ ; رومانچي |
1 Shore length is not a well-defined measure. |
اينٽلانٽڪ نالي جو سڀ کان پراڻو ترين ذڪر ھڪ شاعر اسٽيسيڪارس لڳ ڀڳ ڇھين صدي قبل مسيح ۾ ائٽلانٽيڪوئي پيلاگيئي (يوناني: Ἀτλαντικῷ πελάγει) طور ڪيو، [5] جنھن جي معنيَ ايٽلانٽڪ سمنڊ آھن. ان بعد ھيروڊوٽس پنهنجي ڪتاب تاريخ ۾ پڻ ان نالي واري سمنڊ جو 450 ق.م. ۾ ذڪر ايٽلانٽس ٿلاسا (یونانی:Ἀτλαντὶς θάλασσα) يعني اينٽلاٽڪ سمنڊ[6] طور ڪيو. ھيروڊوٽس اھو نالو جبرالٽر جي مشھور مقام ھرڪيولس جي ٺلھن جي پار واري سمنڊ جو حوالو ڏيندي استعمال ڪيو ھو جيڪو ان مطابق سمنڊ جو اھڙو حصو ھو جيڪو زمين جي چوڌاري سمايل ھو[7]. انھن استعمالن ۾ اھو نالو يوناني ديومالا جي اٽلس نالي دیوتا سان منصوب ڪيو ويو آهي جنھن آسمانن کي ٽيڪ ڏئي کنيو ھو جنھن منظر کي بعد ۾ وچولي دؤر ۾ ڪتابي نقشي ۾ ڏيکاريو ويو ۽ اھڙي طرح دیوتا جو اھو نالو (اٽلس) موجودہ دؤر ۾ نقشن جي ڪتاب تي پڻ پئجي ويو[8] يوناني ديومالائي ادب جي قديم ترين ڪتابن اليڊ ۽ اوڊيسي ۽ قديم جھازرانن مطابق ھن سمنڊ جو نالو اوشينس (عربي: اوقيانوسيه) ھو جنھن جو مطلب ھڪ عظيم درياء ھو جيڪو پوري دنيا جي چوڌاري گھيرو ڪري بيٺل ھو.اھو خيال ڪاري سمنڊ ۽ ميڊيٽرينن سمنڊ جي بيھڪ جي ابتڙ ھيو جيڪي چوڌاري خشڪي سان گھيريل ھيا ۽ يوناني انھن جي ان بيھڪ کان خوب باخبر ھيا[9] ھڪ ٻئي خيال مطابق اھو نالو مراڪش ۾ واقع اٽلس جبل ۽ سمنڊ پار جبرالٽر واري سامونڊي لنگھ ۽ اتر آفريڪا جي ساحلي ڪناري واري ھنڌن لاء استعمال ٿيندو ھو[8]
ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جو ٿلھو آتشي پٿر وارو ۽، ميگنيشيم ۽ لوھ سان ڀرپور خول باسالٽ ۽ گئبرو جو ٺھيل آھي جنھن مٿان سنھي چيڪي مٽي، وَارِي ۽ تھ جي جر مان نڪتل سليڪيٽ معدنيات واري نيڪال جو تھ چڙھيل آهي. جن سمنڊ جو سڀ کان پراڻو ترو ساڍا چوڏھن ڪروڙ سال پراڻو آھي جيڪو آفريڪا جي اولھندي ڪناري ۽ اتر آمريڪا جي اوڀر واري ڪناري لڳ واقع آهي[14][15]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.