From Wikipedia, the free encyclopedia
اولھ بنگال (بنگالي: পশ্চিমবঙ্গ، پَشچِم بنگو) ڀارت جي اوڀارين حصي جي ھڪ رياست آھي۔ بنگلاديش ۽ اولھ بنگال تاريخي خطي بنگال جا حصا آھن۔ ان جي اوڀر ۾ بنگلاديش واقع آھي، اتر اوڀر ۾ ڀٽان ۽ ڀارتي رياست آسام، اتر ۾ سڪم، اتر اولھ ۾ نيپال، اولھ ۾ بھار ۽ جھاڙ کنڊ ۽ ڏکڻ اولھ ۾ اڙيسہ آھي۔
بنگال خطو پنھنجي تاريخ ۾ مختلف سلطنتن جو حصو رھڻ کان بعد بالآخر 1757ع جي جنگ پلاسي جي نتيجي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي زير انتظام اچي ويو۔ ڪلڪتو ان دوران ڪافي عرصي تائين برطانوي ھندستان جي گاديءَ جو ھنڌ۔ 1947ع ۾ بنگال کي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ورھائي ڇڏيو تقسیم۔
اولھ بنگال ڀارت جي ڪل ايراضي جو صرف 2.7% آھي، جيتوڻيڪ تہ ھتي ڀارت جي ڪل آبادي جو 7.8% آباد آھي۔ ھي ڀارت جي ڳتيل آباد ترين رياست آھي.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.