From Wikipedia, the free encyclopedia
اريٽيريا (Eritrea)[6][7] آفريڪا جو ھڪ ملڪ آھي جنھن جي گاديءَ جو هنڌ اسمارا آھي. انھن جون سرحدون اولھ ۾ سوڊان سان، ڏکڻ ۾ ايٿوپيا سان، ڏکڻ-اوڀر ۾ جبوتيء سان ۽ اتر-اوڀر ۽ اوڀر ۾ ڳاڙهي سمنڊ سان ملن ٿيون.
اسٽيٽ آف اريٽيريا
| |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو: Ertra, Ertra, Ertra Eritrea, Eritrea, Eritrea | |||||
Location within Africa (dark gray) and the Eastern Hemisphere (gray) | |||||
گادي جو هنڌ | اسمارا | ||||
سڀ کان وڏو شهر | اسمارا | ||||
دفتري ٻوليون | ڪاب نہ [1] (see working languages) | ||||
تسلیم ٿيل قومي ٻولي |
| ||||
ڪم واريون ٻوليون | |||||
نسلي گروھ (2012[3]) |
| ||||
مقامي آبادي | اريٽيرين اريٽيريائي | ||||
حڪومت | يونيٽريھڪ پارٽيءَ جي رياستصدارتي ريپبلڪ | ||||
• صدر |
عيسائس افورڪي | ||||
مقننه | نيشنل اسيمبلي | ||||
اريٽيريا جي قيام | |||||
• Dʿmt |
c. 980 BC | ||||
• اڪسم جي بادشاھت |
c. 100 AD | ||||
• ميدري بھري
(Medri Bahri) |
1137 | ||||
• اٽالين اريٽيريا |
1890 | ||||
• ايٿوپيائي وفاق |
15 September 1952 | ||||
• ڊي فيڪٽو اريٽيريائي رياست |
24 May 1991 | ||||
• ڊي جيور اريٽيريائي رياست |
24 May 1993 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
117٬600 km2 (45٬400 sq mi) (99th) | ||||
• پاڻي (%) |
0.14% | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
4,954,645[4] (116th) | ||||
• گھاٽائي |
51.8 /km2 (134.2 /sq mi) (154th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$10.176 billion[5] | ||||
• في سيڪڙو |
$1,466[5] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$6.856 billion[5] |
ھن ملڪ جي پکيڙ 117600 ھم چورس ڪلوميٽر آهي جنھن ۾ دھلڪ آرڪيپيلگو Dahlak Archipelago ۽ ٻيا ڪيترائي [[ھنيش ٻيٽ] Hanish Islands پڻ شامل آھن. اريٽيريا يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي جيڪو يوناني ڳاڙهي سمنڊ لاءِ استعمال ڪندا ھئا. ۽ اھو پھريون دفعو اٽالين اريٽيريا جي لاءِ 1890 ۾ استعمال ڪيو ويو. اھو ھڪ گھڻ نسلي ملڪ آهي جنھن ۾ نو مختلف نسلن جا ماڻهو رهن ٿا. ان جي آبادي ڪثرت سان ايفرواييشائي شاخن واريون ٻوليون ڳالھائيندا آھن. آبادي ۾ سڀ کان وڏو نسلي گروھٽگرنيا Tigrinyas آھي جيڪو آباديءَ جو % 55 آهي. ٻئي نمبر تي ٽگري آھن جيڪي آبادي جو %30 آھن نلوصحرائي نلوئي بہ اتان جي نسلي گروهن ۾ شامل آهن . ان ملڪ جي آبادي عيسائيت ۽ اسلام سان تعلق رکندڙ آهي.[8] پھرين يا ٻي صدي عيسويءَ ۾ موجوده اريٽيريا جو تقريبن سمورو علائقو اڪسوم جي بادشاھت جو حصو ھيو .[9][10] ھن ملڪ ۾ عيسائيت چوٿين صدي عيسويءَ ۾ اختيار ڪئي وئي.[11] 1942 ۾ اٽليءَ جي بيٺڪي فوج جي شڪست کان بعد اريٽيريا برطانيہ جي فوجي ڪنٽرول ۾ آيو جيڪو 1952 تائين جاري رھيو.1952 ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي فيصلي ھيٺ اريٽيريا مقامي پارليامينٽ جي حڪومت ھيٺ آندو ويو پر ڏھن سالن لاءِ ان جي خارجي ۽ دفاعي ايٿوپيا جي وفاقي اختيار ۾ ڏنا ويا پر 1962 ۾ ايٿوپيا ان جي برعڪس ان جي پارليامينٽ کي منسوخ ڪري ان کي پنھنجي ملڪ جو حصو بڻائي ڇڏيو. ان کان اڳ ئي 1960 اتان جي ماڻهن اريٽيرين لبريشن فرنٽ نالي پارٽي ٺاهي مخالف شروع ڪري ڏني ھئي ۽ ٽي سال ھٿياربند جدوجهد کانپوءِ 1991 ۾ اريٽيريا کي ايٿوپيا کان آزاد ڪرايو. اريٽيريا ھڪ پارٽيءَ واري رياست آھي ۽ آزادي کان پوءِ ڪڏهن بہ اتي اليڪشن ڪانہ ٿي آهي.[12] اريٽيريا گڏيل قومن، آفريڪي يونين جو ميمبر آهي ۽ عرب ليگ ۾ مبصر آھي.[13]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.