هٽلر
جرمن سياستدان / From Wikipedia, the free encyclopedia
ايڊولف ھٽلر (انگريزي: Adolf Hitler ) (20 April 1889 – 30 April 1945) آسٽريائي نسل وارو ھڪ جرمن سياستدان ۽ نازي پارٽي جو اڳواڻ ھيو. 1932 جون چونڊون کٽي 1933ع ۾ جرمني جو چانسلر مقرر ٿيو. 1934ع ۾ نازي جرمني جو فيوھرر بڻيو. 1921ع کان ھن نازي پارٽي (اين ايس ڊي اي پي) جي قيادت سنڀالي. اقتدار ۾ اچڻ بعد ھن جرمني ۾ آمريت جي شروعات ڪئي جنھن کي ٿرڊ ريخ جو نالو ڏنو ويو. 1933ع ۾ ھن ٻين سمورين سياسي پارٽين تي بندش وجھي ڇڏي جنھن سان کيس مطلق اختيار ملي ويو. 1939ع ۾ ھن پولينڊ تي حملي ڪري فتح ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ھن جي ڪري دنيا ۾ ٻي جنگ عظيم لڳي جنھن سان پنج ڪروڙ ماڻھو موت جو شڪار ٿيا[2]. ٻي جنگ عظيم ۾ جي جرمن فوج جو ڪمانڊر ان چيف ھيو ۽ سمورا اھم فيصلا ھن پاڻ ڪيا ھيا[3].
ترت ڄاڻ ايڊولف ھٽلر, فيوھرر ...
ايڊولف ھٽلر | |
---|---|
ھٽلر 1938ع ۾ | |
فيوھرر | |
عهدو سنڀاليو 2 آگسٽ 1934 – 30 اپريل 1945 | |
پيشرو | پائول فان ھنڊينبرگ (1919 کان 1945 تائين جرمنيءَ جو صدر) |
جانشين | ڪارل ڊونٽس (صدر) |
نازي جرمنيءَ جو چانسلر (1933–1945) | |
عهدو سنڀاليو 30 جنوري 1933 – 30 اپريل 1945 | |
صدر | پائول وان ھنڊينبرگ (1933–1934) |
ڊپٽي | فرانز فان پئپين (1933–1934) ھرمن گورنگ (1941–1945) |
پيشرو | ڪرٽ فان شليئشر |
جانشين | جوزف گوئيبلز |
نازي جرمنيءَ جو فيوھرر | |
عهدو سنڀاليو 29 جولاء 1921[1] – 30 اپريل 1945 | |
ڊپٽي | رڊولف ھيس (1933–1941) |
پيشرو | انٽون ڊريڪسلر (چيئرمين) |
جانشين | مارٽن بورمن ( پارٽي جو وزير) |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش | 20 اپريل 1889(1889-04-20) برائنائو ايم ان، آسٽريا ھنگري |
وفات | 30 اپريل 1945 (عمر 56 سال) برلن، نازي جرمني |
شهريت |
|
سياسي جماعت | نازي پارٽي (1921–1945) |
ٻيون سياسي وابستگيون |
جرمن ورڪرس پارٽي (1919–20) |
جيون ساٿي | Eva Braun (ش. 1945) |
ماءُ | ڪلارا پولزل |
پيءُ | الوئس ھٽلر |
ڪابينا | ھٽلر جي ڪابينه |
دستخط | |
فوجي خدمتون | |
فرمانبرداري | جرمن ايمپائر |
سروس/شاخ |
|
سال خدمتون | 1914–1920 |
عهدو | جيفريئٽر |
لڙائيون/جنگيون | پھرين جنگ عظيم
|
اعزاز |
|
بند ڪريو