بھاولپور
From Wikipedia, the free encyclopedia
بھاولپور (انگريزي: Bahawalpur ) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي بھاولپور ضلعو جو شھر ۽ ضلعي ۽ ڊويزنل صدر مقام آھي، ۽ پاڪستان جي يارھين وڏي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن آھي جنھن جي آبادي 7,98,509 آھي.[3] شھر جو بنياد سال 1748ع ۾ پيو. ھي شھر بھاولپور جي پرنسلي اسٽيٽ جو گاديءَ جو هنڌ ھيو. سال 1955ع تائين عباسي خاندان جا نواب ان رياست جا حاڪم رھي جن جو فن تعمير بھاولپور جو وڏو تاريخي ورثو آھي.[4] 7 آڪٽوبر 1947 ۾ نواب صادق محمد خان پنجون بطور پرنسلي اسٽيٽ جي سربراهه جي بھاولپور کي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي منظوري ڏني.[5]
ترت ڄاڻ Bahawalpur بھاولپور, ملڪ ...
Bahawalpur بھاولپور | ||
---|---|---|
شھر | ||
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان هيٺ: نور محل، گلزار محل، صادق ھاء اسڪول، دربار محل، الصادق مسجد ۽ باب فريد | ||
| ||
جاگرافي بيهڪ: 29°23′44″N 71°41′1″E | ||
ملڪ | پاڪستان | |
صوبو | & پنجاب | |
ضلعو | بھاولپور ضلعو | |
تحصيل | بھاولپور شھر | |
يونين ڪاؤنسلون | 36 | |
حڪومت [1] | ||
• قسم | ميونسپل ڪارپوريشن | |
• ميئر | عقيل نجم ھاشمي | |
• ڊپٽي ميئر | ملڪ منير اقبال چنڙ | |
پکيڙ | ||
• ڪل | 237.2 ڪ.م2 (91.6 ميل2) | |
بلندي | 181 ميل (702 ft) | |
آبادي (2017)[2] | ||
• ڪل | 762,111 | |
Bahawalpur / Punjab Portal |
بند ڪريو