يروشلم
From Wikipedia, the free encyclopedia
بيت المقدس هيءُ شهر اسرائيل ۽ اردن جي سرحد تي تل ابيب جي ڏکڻ اڀرندي ۾، يهوديه جي پهاڙي ۽ پٿريلي لاهه تي واقع آهي. 1950ع ۾ هن جديد شهر کي اسرائيل جي گاديءَ جو هنڌ قرار ڏنو ويو. قديم شهر اردن جي علائقي ۾ شامل رهيو. بيت المقدس يهودين ۽ عيسائين جو مقدس شهر ۽ مسلمانن جو قبله اول ۽ اهم زيارتگاهه آهي. يهودين ۽ مسيحين جي مذهبي ڪتاب ۾ ان کي ”صيهون“ چيو ويو آهي. هيءُ شهر خدا جي نشاني آهي. ٽنهي مذهبن جا سڀ مقدس قديم ماڳ، هن شهر ۾ آهن. مسلمان حرم شريف جي زيارت ڪن ٿا، جيڪو احاطو آهي. انهيءَ ۾ قبة الصخرا ۽ مسجد اقصيٰ واقع آهن. چيو وڃي ٿو ته حرم شريف جي مشرقي ديوار جو هيٺيون حصو ”هيڪل سليمانيءَ“ جو آهي. اتي ئي ديوار گريه آهي، جيڪا يهودين جي لاءِ مقدس آهي. اُهي انهيءَ ديوار وٽ اچي، هيڪل کي ياد ڪري روئندا آهن. مسيحين جي خيال ۾ ڪنيسة القيام مقدس آهي، جيڪا روايت جي مطابق ”کوپري“ نالي پهاڙي واقع آهي. اها ئي پهاڙي هئي، جنهن تي مسيحي عقيدي موجب، حضرت عيسيٰ عليه السلام کي صليب تي چاڙهيو ويو هو.[3]
يروشلم بيت المقدس | |||
---|---|---|---|
مٿان کان کاٻي پاسي: سينٽ الياس وٽان يروشلم جو فضائي منظر ؛ پراڻو شھر؛ ماميلا مارٽ؛ ڪنيسيٽ؛ پٿر جو قبو؛ دائود جو منارو ۽ پراڻي شھر جي ڀت؛ ۽ اولھ واري ڀت. | |||
| |||
عرفيت: بيت المقدس[1] (The Holy City/House) | |||
بيت المقدس جو مقام | |||
جاگرافي بيهڪ: 31°47′N 35°13′E | |||
انتظامي نگراني | اسرائيل | ||
دعويدار | اسرائيل ۽ فلسطين[vii] | ||
ضلعو | يروشلم ضلعو | ||
گورنري | يروشلم گورنري | ||
گھون اسپرنگ وسندي | 4500 ق م | ||
دائود جو شھر | 1010 ق م | ||
يروشلم جي ديوار | 1541 | ||
بيت المقدس جي اوڀر ۽ اولھ ۾ ورھاست | 1948 جولاءِ 18 | ||
شھر جو انضمام | 1967 جون 7 | ||
بيت المقدس جو قانون | 1980 July 30 | ||
حڪومت | |||
• قسم | ميئر ڪائونسل | ||
• مجلس | بيت المقدس جي ميونسپلٽي | ||
• اسرائيلي ميئر | نير برڪات | ||
• اوڀر بيت المقدس جو فلسطيني ميئر | زڪي الغل | ||
پکيڙ | |||
• شھر | 125,156 دونمs (125.156 ڪ.م2 or 48.323 ميل2) | ||
• ميٽرو | 652,000 dunams (652 ڪ.م2 or 252 ميل2) | ||
بلندي | 754 ميل (2,474 ft) | ||
آبادي | |||
• شھر | 901,302[2] | ||
سرڪاري نالو | يروشلم ۽ شھر جي پراڻي ڀت | ||
قسم | ثقافتي | ||
معيار | ii, iii, vi | ||
عهدو | 1981 | ||
حوالا نمبر. | 148 | ||
علائقو | يروشلم ضلعو | ||
خطري ۾ | 1982–p کان ھاڻي تائين |