From Wikipedia, the free encyclopedia
جان ملٽن (Jhon Milton) جو جنم 9 ڊسمبر 1608ع تي لنڊن جي بريڊ اسٽريٽ ۾ ٿيو. هن جي پيءُ جو نالو سينيٽر جان ملٽن هو ۽ والده جو نالو ساره جيوفري هو.
جان ملٽن | |
---|---|
(انگريزي ۾: John Milton) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | 9 ڊسمبر 1608 [1][2][3] |
موت | 8 نومبر 1674 (66 سال)[1][2][3] لنڊن [4] |
شھريت | انگلينڊ جي بادشاهت |
عملي زندگي | |
پيشو | شاعر [3]،ليکڪ [3][5]،سياستدان |
مادري ٻولي | انگريزي ٻولي |
ڪم جي ٻولي | لاطيني ٻولي ،يوناني ٻولي ،عبراني ٻولي ،انگريزي ٻولي [6][7]،فرانسيسي ٻولي ،آرامي ٻولي ،سرياني ٻولي ،Italian |
دستخط | |
ترميم |
هن بنيادي تعليم ايس ٽي، پائو جي اسڪول مان ورتي. جتي هن لاطيني ۽ يوناني ادب کي پڙهڻ شروع ڪيو. هن 1625ع ڌاري ’ڪئمبرج يونيورسٽيءَ‘ جي ’ڪرائسٽ ڪاليج‘ مان مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ 1629ع ڌاري بي.اي جو امتحان ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين ۽ 3 جولاءِ 1632ع ۾ ايم.اي جي ڊگري حاصل ڪيائين.
ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان فارغ ٿيڻ کانپوءِ 1632ع کان 1637ع تائين ’هارٽن‘ ۾ وڃي پنهنجي پيءُ سان رهيو ۽ اوائلي ادب، خاص طور شاعريءَ جي صنفن جو مطالعو ڪيائين. هن جو تعلق پيوريٽن فرقي سان هو. هيءُ دولت مشترڪه جو ملازم به هو. ادبي لکڻين جي شروعات ڪاليج واري دؤر کان ئي ڪيائين. 1626ع ڌاري پهريون ڀيرو هن لاطيني ٻوليءَ ۾ ‘Ekgia Prima’ مرثيو لکيو.
هن 1629ع ڌاري ٻه اهم نظم لکيا:
هن پهرين شادي 1651ع ڌاري ميريءَ سان ڪئي، جيڪا 1652ع ۾ وفات ڪري وئي. ٻي شادي 12 نومبر 1656ع تي ڪيائين، جيڪا پڻ 1658ع ۾مري وئي ۽ ٽين شادي 24 فيبروري 1663ع تي ايلزبيٿ سان ڪيائين. 1959ع ڌاري هن جو ڪتاب ’A Tratise of Civil Power‘ ڇپيو. هن ڪيترا نثري نظم لکيا. ملٽن جو مشهور نظم ‘Paradise lost’ آهي، جيڪو هڪ طويل نظم هو، ان ملٽن کي مشهور ڪيو. هيءُ بيانيه انداز ۾ لکيل مذهبي نظم آهي، جنهن ۾ خدا، شيطان، آدم، حوا، جنت، جهنم ۽ انهن ۾ رهندڙ فرشتن جو ذڪر ڪيل آهي، هيءُ طويل نظم هن 1664-1658 ڇهن سالن جي محنت کان پوءِ تيار ڪري ڇپايو ۽ وري 1671ع ڌاري ‘Paradise Regained’ شايع ٿيو.
8 نومبر 1674ع تي هن بڪين جي مرض سبب وفات ڪئي، کيس چرچ آف ايس. ٽي. گلس ڪرپلگيٽ ۾ دفنايو ويو.[8]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.